ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪابل ايئرپورٽ تي سموريون ڪمرشل ۽ عالمي اُڏامون معطل ٿي ويون، ايئرپورٽ تي افغانستان ڇڏيندڙ شهرين جي پِـِيهه، ڪابل ايئرپورٽ تي جهاز ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهرين مٿان امريڪي فوج جي فائرنگ 5 ڄڻا مارجي ويا، امريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته شهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، امريڪا، ڪينيڊا، ڊينمارڪ، ناروي ۽ فِن لينڊ ڪابل ۾ پنهنجا سفارتخانا عارضي طور بند ڪري ڇڏيا، پاڪستان، چين، روس ۽ ترڪي طرفان سفارتخانا کُليل رکڻ جو اعلان، چين چيو آهي ته افغان طالبان سان سٺن لاڳاپن لاءِ تيار آهيون، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ شهرين جو به احترام ڪريون ٿا: پي آءِ اي به ڪابل ۾ پنهنجو فضائي آپريشن اڻڄاتل مُدي تائين معطل ڪري ڇڏيو.
119