122

اهو ڪڏهن نه چاهينديس ته منهنجا پٽ بالي ووڊ ۾ ڪم ڪن: ڪرينا ڪپور

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ اهو ڪڏهن نه چاهيندي ته سندس پٽ تيمور ۽ جهانگير بالي ووڊ ۾ انٽري ڏين، هن چيو ته آئون تڏهن خوش ٿينديس جڏهن منهنجا پٽ مون وٽ ايندا ۽ اهو چوندا ته اسان ڪجهه ٻيو ڪرڻ چاهيون ٿا، منهنجي به خواهش آهي ته جهانگير ۽ تيمور مائونٽ ايوريسٽ سر ڪرڻ جهڙا ڪارناما سرانجام ڏين، ان ۾ آئون سندن ڀرپور سپورٽ پڻ ڪنديس، ڪرينا وڌيڪ چيو ته جهانگير اڃا 6 مهينن جو آهي، پر هو مون وانگر لڳي ٿو، جڏهن ته تيمور پنهنجي پيءُ سيف تي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو