150

ميسي جو لڙڪ اگهيل ٽشو پيپر وڪري لاءِ پيش، قيمت 16 ڪروڙ مقرر

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) مشهور فٽبالر لينونل ميسي جو لڙڪ اگهيل ٽشو پيپر آن لائن وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيمت پاڪستاني 16 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، رپورٽ مطابق ارجنٽينا فٽبال ٽيم جي ڪپتان ڪجهه ڏينهن اڳ 21 سالن کانپوءِ مشهور فٽبال ڪلب بارسلونا کي الوداع ڪيو، ڪلب کي الوداع ڪرڻ دوران ميسي جي پريس ڪانفرنس گهرائي جنهن ۾ هو پنهنجي جذبات کي قابو ۾ نه رکندي روئي ويٺو هو، ساڻس گڏ ويٺل سندس گهرواري کيس لڙڪ اگهڻ لاءِ ٽشو پيپر ڏنو، جيڪو ميسي لڙڪ اگهڻ کانپوءِ زمين تي اڇلائي ڇڏيو، پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ اتي ويٺل هڪ همراهه اهو ٽشو پيپر پاڻ سان گڏ کڻي ويو ۽ ان کي انٽرنيٽ تي آن لائن وڪري لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي قيمت هن هڪ ملين ڊالر پاڪستاني 16 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي، همراهه جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته هن دعويٰ ڪئي آهي ته ٽشو پيپر ۾ ميسي جو خالص جينياتي مواد موجود آهي، جيڪو ان جهڙو فٽبالر بڻجڻ ۾ مدد ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو