119

پاڪستان خلاف سرزمين استعمال نه ٿيڻ يقيني بڻايو وڃي: قومي سلامتي ڪاميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  قومي سلامتي ڪاميٽي چيو آهي ته عالمي برادري افغانستان ۾ اسان جي ڏنل قربانين جو اعتراف ڪري، افغانستان جي معاملن ۾مداخلت نه ڪنداسين، پاڪستان خلاف سرزمين استعمال نه ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾قومي سلامتي ڪاميٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل نديم رضا، ڊي جي آءِ ايس ايس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين سميت ٻيا اهم وزير ۽ اعليٰ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا، اجلاس کانپوءِ قومي سلامتي ڪاميٽي جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾امن چاهي ٿو،ملڪ ڪيترن ڏهاڪن کان افغانستان ۾جاري تڪرار سبب متاثر رهيو آهي،افغان مسئلي جي جامع سياسي حل لاءِ پرعزم آهيون، عالمي برادري کي اسان جي ڏنل قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي،آمريڪا ۽ نيٽو جو موجودگي ۾افغان مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي پيو،ان مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه هو، پاڪستان سمورن افغان گروهن جي نمائندگي سان گڏ هڪ جامع سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي،سمورين ڌرين کان مطالبو ڪريون ٿا ته قانون جي حڪمراني جو احترام ڪيو وڃيِ، پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سموريون پارٽيون افغانستان جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪن، ان ڳالهه کي يقين بڻائين ته افغان سرزمين ڪنهن دهشتگرد يا ڪنهن ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي، آمريڪا جي اڳوڻي انتظاميا جي افغانستان مان فوجين جي نڪرڻ جي فيصلي جي جوبائيڊن انتظاميا جي توثيق حقيقت ۾تڪرار جو منطقي نتيجو آهي، هن وقت عالمي برادري لاءِ وقت آهي ته افغانستان ۾پائيدار امن،سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ اثرائتي سياسي حل ڪڍي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو