اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب نه آڻي وڏي ناانصافي ڪئي وئي، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اصل غلامي کان وڌيڪ ذهني غلامي هوندي آهي،هڪ غلام ذهن ڪڏهن به وڏو ڪم ناهي ڪري سگهندو، دنيا ۾رڳو اصلي سوچ ويندي آهي،اسان رڳو انگريزي زبان ناهيون سکندا،پر ان جو سمورو ڪلچر ئي اپنائي ڇڏيندا آهيون، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻئي جو ڪلچر اختيار ڪرڻ سان سڀ کان وڏو نقصان آهي،هڪجهڙي نظام ۾نوجوانن جو هڪ ئي رخ هوندو آهي.
