142

فضل الرحمان پاران افغان طالبان کي ڪاميابي تي مبارڪون،تعاون جو يقين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه فضل الرحمان افغان طالبان کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ تعاون جو پڻ يقين ڏياريو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته تحريڪ اسلامي طالبان جي اڳواڻن کي ان عظيم ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا، هن چيو ته اسان شروع کان وٺي آمريڪا ۽ نيٽو فوج جي افغانستان تي اڳرائي جا مخالف هئاسين، ڪاميابي کانپوءِ امن، خير سگالي ۽ مفاهمت جي پاليسي سان نئون ميدان شروع ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو