122

سينيٽ دفاع ڪاميٽي ۾ افغانستان بابت قرارداد منظور، پارليامينٽ گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي دفاع ڪاميٽي ۾افغانستان بابت گڏيل قرارداد منظور ڪئي وئي، افغانستان جي موجوده صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ مشاهد حسين سيد جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو،افغانستان بابت گڏيل قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته افغانستان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي، منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته اتحاد،علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حمايت ڪيون ٿا،گهرو ويڙهه کان بچڻ لاءِ سياسي تبديلي تي اتفاق هجڻ گهرجي. افغانستان جي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي،پاڪستان خلاف به ڪارروايون بند ڪيون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو