ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾گهر ۾فائرنگ، پيءُ ۽ ڌيءَ مارجي ويا،ٻي ڌيءَ زخمي ٿي پئي. رپورٽ موجب ڪراچي جي ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ ڌاڳا ڦيڻا ڪندڙ غلام حيدر جي گهر تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ ڪري 50 ورهين جو غلام حيدر ۽ سندس 20 ورهين جي ڌيءَ بشريٰ قتل ٿي، جڏهن ته فائرنگ ۾17 ورهين جي زينب زخمي ٿي پئي،واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا.
