138

پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افغانستان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افغانستان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عمل جي گهر، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان تي طالبان جي قبضي بعد پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر اُڀري سگهي ٿي، داسو ڊيم ۽ ڪراچي ڌماڪي بعد غلطي جي گنجائش ناهي رهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي ۽ فوج جو دهشتگردي خلاف موقف ڪليئر آهي، وزير اعظم ڪنفيوزن جو شڪار آهي، افغانستان صورتحال سبب پناهگيرن جو مسئلو ٿي سگهي ٿو، حڪومت پنهنجي پاليسي واضح ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو