ليکڪ: اويس ساگر سومرو
سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ جو سرتاج شاعر حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي شاعري جو اھو روحاني پيغمبر شاعر آهي جنهن نه صرف سنڌي سماج ۽ سنڌي ڪلچر کي پنهنجي روحاني شاعري جي ڏات وسيلي اجاڳر ڪيو آهي پر سنڌي قوم ۽ انسانذات لاءِ تمام ڪارائتا درس ۽ پيغام سنڌي قوم تائين رسايا آهن، اسان کي شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي پھلو نظر اچن ٿا، جنهن جي ذريعي يا انهن پيغامن ۽ نصيحتن کي اسين اختيار ڪري ھڪ روشن مستقبل جھڙي زندگي گذاري سگهون ٿا، شاھه لطيف جي شاعري عالم انسانيت لاءِ ڪاميابيءَ ۽ راھه مستقيم تي ھلڻ لاءِ زندگي ۾ تمام وڏو ڪردرا ادا ڪري ٿي، حضرت شاھه عبدالطيف ڀٽائي ڪربلا جي واقعي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام خوبصورت نموني ۽ سچائي سان چٽيو آهي، شاھه جي رسالي ۾ ”سر ڪيڏاري“ ۾ ڪربلا جي واقعي جو پس منظر شاعري ذريعي نظر اچي ٿو.”سر ڪيڏارو“ شاھه جي رسالي ۾ ارڙھين نمبر تي آهي، جنهن جو شارح ڪلياڻ آڏواڻي آهي، ان سر ۾ شاھه صاحب ڪربلا جو واقعو اھڙي طرح تي پيش ڪيو آهي ڄڻ سندس اکين ڏٺو احوال ھجي، ڪيڏارو جنهن جي معنيٰ آهي (جنگ جو ميدان) ھن سر ۾ شاھه صاحب رڳي ڪربلا جي قضيي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ حضرت امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي شھادت تي ڏک پڻ ڪيو اٿس، ھي سر شاھه صاحب جو رزميه (جنگي) سر آهي، جنهن جو مطلب اھو آهي ته شاھه صاحب ھر طرح کان ڪامل شاعر ھو.
محرم موٽي آئيو، آيا تان نه امام.
مديني جا ڄام، موليٰ مونکي ميڙين،
مير مدينئان نڪري، آيا نه موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيـــروٽي،
آن تنين لئي لوٺي، جي مير مسافر رائنيا.
مٿين بيتن ۾ شاھه صاحب فرمائن ٿا ته اسلامي سال جو پھريون مھينو محرم آهي، محرم جو مھينو ھرسال وري اچي ٿو پر اسانجا امام سڳورا جيڪي شھادت جو جام نوش فرمائي ويا اھي واپس ڪين ورن ٿا ۽ ھر سال محرم جي مھيني اچڻ سان امامن جي ياد دل ۾ جھوري پيدا ڪري ٿي، شاھه صاحب رب تعاليٰ کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته اي رب شل مديني جي ميرن سان منهنجي ملاقات ٿئي ھا ۽ من تن ۾ امامن جي اڻ تڻ آهي، پاڻ وڌيڪ فرمائين ٿا ته ته امام سڳورا مديني کان نڪري ويا ته واپس ڪين موٽيا ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ شھيد ٿيا، لطيف سرڪار ھنن بيتن ۾ وڌيڪ فرمائين ٿا ته محرم جو مھينو غمن جا انبار کڻي اچي ٿو ۽ انسانذات لاءِ به اھو ئي سبق آهي ته ھو حسيني رنگ ۾ رنڱجي وڃن ۽ جيڪي ڪربلا ۾ مير شھيد ٿيا تن سان سچي من سان محبت جو اظهار عقيدت ڪن. لطيف سرڪار انسانذات سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته رب پاڪ جي ھڪ صفت آهي ھو پاڪن کان پاڪ آهي. بي نياز آهي، رب تعالى جي جلاليت ۽ ڪماليت جو ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ئي ناهي، الله تعالى انهن ماڻهن کي آزمائش ڏيندو آهي جيڪي کيس پيارا ھوندا آهن، صبر ۽ استقامت وارا ھوندا آهن ۽ الله تعاليٰ انهن سان پيار ڪندو آهي جيڪي سندس تابعداري ڪندا آهن، ھن بيت ۾ شاھه صاحب ڪربلا جي واقعي جي منظرڪشي ڪندي انسانذات لاءِ به ساڳيو ئي درس ڏيندي فرمائي ٿو ته اسان کي رب تعالى جي ھر رضا تي راضپو ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ جو ھي دنيا عارضي آهي، فاني آهي، ھن بيت ۾ شاھه صاحب حضرت امام حسين عه جن جو مٽال ڏين ٿا ته ڪيئن رب جي رضا تي امام ڪربلا ۾ شھيد ٿيو ۽ پنهنجو ڪٽنب قبيلو ڪھايائين، ايماندراي ۽ دليري سان دين اسلام جو پرچم بلند ڪيائين، لطيف اڳتي چوي ٿو ته اي دنيا وارئو ڏسو الله تعالى پنهنجن پيارن کي ڪھڙين نه سختين ۾ وجھي آزمائي ٿو، الله بي پرواھه بادشاهه آهي، سو جو چاھي جيئن چاهي ڪرائي، اھا وڏي راز جي ڳالهھ آهي، وڏي رمز اسرار جي ڳالهھ آهي ۽ رب ھر شيءِ تي قادر آهي، هو وڌيڪ فرمائي ٿو ته ڪربلا جي ميدان ۾ جڏهن امام حسين عه جا تمام پيارا ۽ ساٿي شھيد تي ويا آهن ھاڻي امام سڳورو ھتي اڪيلو آهي، سندس ڪو ٻانهن نه ٻيلي آهي، امام حسين عه جو جسم مبارڪ زخمن سان چور چور آهي ۽ ميدان ڪربلا ۾ ڪو به ڪين بچيو آهي، امام پنهنجي پيءُ حضرت علي عه جن کي ساري ٿو ۽ امان سانئڻ بي بي فاطمة الزهره سلام عليها کي پڪاري ٿو، لطيف سرڪار ڪربلا جي آخري منظر کي ھيئن چٽيو آهي ته امام حسين عه ڪربلا ۾ ڏسي ٿو ته منهنجو بابو علي عه آيو آهي، جيڪو منهنجي ڦٽيل چور چور زخمن جھڙي جسم تان رت صاف ڪري رھيو آهي ۽ وري امان فاطمه (س) به آئي آهي جيڪا منهنجي ميري جسم تان ڪربلا جي مٽي صاف ڪري رهي آهي، شاهه صاحب ھن بيت ۾ الله جي ساراھه بيان ڪندي حضرت امام حسين عليه سلام جي شھادت ٿيڻ ۽ دين اسلام جي مڪمل ٿيڻ تي شڪر ڪري ٿو ۽ خدا پاڪ جي وڏائي بيان ڪندي چوي ٿو ته ڪربلا ۾ حسينيت جو علم بلند ٿيو، ان نيڪ عمل ۽ امامن جي شھادت جي صدقي رب تعالى سڀني جا گناهه بخش ڪري ڇڏيا