ليکڪ: پروفيسر بشير سومروا
طالبان صدارتي محل تي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ عام معافيءَ ۽ جنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر ان کان اڳ ۾ صدر اشرف غني صدارت تان استعيفيٰ ڏئي فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي سندس ڪابينا کي اميد نه ھئي، ڇاڪاڻ ته انهن سمجهيو پئي ته هو مزاحمت ڪندو جيئن نجيب الله ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ ان وقت احمد شاهه مسعود نجيب الله کي ڪابل مان ڀڄي وڃڻ جو چيو به ھو پر نجيب الله کيس کتو جواب ڏنو ھو ته ھو افغانستان ڇڏي نه ڀڄندو پر اشرف غني شروع ۾ بلنڪن فارمولي تي جيڪي اعتراض ڪيا ھئا ته سندس ساٿي به ان تي اڙجي ويا ھئا پر ھن جي فرار ٿيڻ واري عمل سندس ويجهن ساٿين کي به وائڙو ڪري ڇڏيو ۽ اھي به فرار ٿيڻ لڳا، اشرف غنيءَ کان پوءِ ستت ئي رشيد دوستم ۽ عطا نور جيڪي ھڪ ٻئي جا ڪٽر مخالف ھئا اھي گڏجي ازبڪستان ڏانهن فرار ٿي ويا، جڏهن ته حامد ڪرزئي پنهنجي ھڪ ٽوئيٽ ذريعي طالبان کان معافي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، صدر ۽ اھم فردن جي فرار ٿيڻ کان پوءِ ڪابل جي ماڻهن خوف مان محفوظ ھنڌن ڏانهن ڀڄڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪجهه عورتون ۽ مرد بينر کڻي آمريڪا خلاف احتجاج پڻ ڪري رهيا ھئا ته آمريڪا اسان سان دوکو ڪيو آهي ۽ ڪابل جون گهٽيون خوف کان خالي ٿي ويون آهن، جيتوڻيڪ طالبان جيڪي ھن وقت ڪابل سوڌو سڄي ملڪ جو انتظام سنڀالڻ لاءِ ھڪ عبوري حڪومت ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن ته جيئن حڪومت جي ڪاروھنوار کي ھلائي سگهجي ۽ ساڳي وقت تي عام ماڻھن مان خوف به ختم ٿي وڃي پر ڪابل جي تاريخ ۾ ھي پھريون دفعو ٿيو آهي جو ڪابل فتح به ٿيو آهي ۽ قتل عام نه ٿيو آهي، جڏهن ته آفيسن ۾ ڪم ڪار به جاري آهي، طالبان جنهن تيز رفتاريءَ سان 34 مان 26 صوبن جي گاديءَ وارن شھرن تي ڪنٽرول ڪري پھريان جيل ٽوڙيا جنهن مان افغان حڪومت جي قيد ۾ ھزارين عام شھرين سان گڏ طالبان کي پڻ آزاد ڪرايو، جنهن سان عام ماڻھن جي دلين ۾ طالبان لاءِ ڪجهه انسيت پيدا ٿي پر اڪثريت اڃا به ھڪ اڻڄاتل خوف ۾ ورتل آهي ته ڪٿي طالبان پنهنجي ماڻهن جي قتل ٿيڻ جو بدلو نه وٺن، جنھن تي آمريڪا نائن اليون کان پوءِ آپريشن اينڊيوئرنگ فريڊم جي پس منظر بمباري ڪئي ھئي، جنهن جي نتيجي ۾ تورا بورا ۽ ٻين علائقن ۾ طالبان جو قتل عام ڪيو ويو ھو، جڏهن ته طالبان جي امير ملان عمر سوڌو ھزارين القاعده ۽ طالبان قتل ڪيا ويا پر سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ منظر لشڪرگاھه ۾ ٿيو جتي رشيد دوستم جي مليشيا 5 ھزار کان مٿي گرفتار ڪيل طالبان تي ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا پر طالبان ڪابل تي قبضي ڪرڻ وقت عام معافيءَ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي عمل ٿي سگهندو يا نه اھو عبوري حڪومت جي اعلان يا وري طالبان طرفان اسلامي شريعت لاڳو ڪرڻ کان پوءِ خبر پوندي، وال اسٽريٽ جنرل سوڌو آمريڪي ميڊيا صدر بائيڊن جي افغان پاليسيءَ تي ڇتي تنقيد ڪري رهي آهي ته ڪابل تي طالبان جي قبضي ٿيڻ جي خوف سبب ماڻهن جو وڏو انگ پناھگيرن جي صورت ۾ پاڪستان، ايران، تاجڪستان ۽ ازبڪستان پھچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي سرحد تي ته ھڪ طرف پناھگيرن جو ۽ ٻئي طرف وري آمريڪا جو دٻاءُ آهي ته پناھگيرن کي ملڪ جي اندر اچڻ ڏنو وڃي پر عمران خان سيڪيورٽي جي حوالي سان اھم اجلاس ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ھنن پناھگيرن ۾ جيڪڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان جا ويڙھاڪ اچي وڃن ته پوءِ انهن کي خودڪش حملن کان ڪير به روڪي نه سگهندو، جيتوڻيڪ بلنڪـن فارمولي جي مطابق سڀ کان پھريان پاڪستان پناهگيرن کي اچڻ جي اجازت ڏئي جنهن کان پوءِ اھي ايران جي ذريعي ترڪيءَ ۾ داخل ٿين جتان پوءِ اسڪريننگ ڪري کين آمريڪا ۾ رھايو ويندو پر ترڪي بلنڪن جي اھڙي فارمولي کي بيوقوفي سڏيو آهي، خاص طور تي ترڪيءَ جي سرحد تي شامي پناھگيرن جي وڏي فوج موجود آهي پر جيڪڏهن افغاني يورپ ۾ پھتا ته پوءِ اتي دھشتگردي تمام گهڻي وڌڻ جو خطرو آهي، جنهن ڪري يورپي يونين وارا به ان فارمولي تي راضي نه آهن، جيڪڏهن طالبان شريعت لاڳو ڪئي ته پوءِ لبرل افغان پناھگيرن جو سمنڊ اٿلي پوندو جيڪو افغانستان جي سرحدي ملڪن خاص طور تي ايران، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان سان گڏ روس ۽ چين جي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ھنن پناھگيرن جي اچڻ کان پوءِ خبر نه پوندي ته انهن جي وفاداري ڪنهن سان آهي، جنهن جي ڪري دھشتگردي جا واقعا ٿي سگهن ٿا، چين ۽ روس دوھا ۾ ھلندڙ ڳالهين جو حصو ھئا، جنهن ۾ اھو طئه ٿيو هو ته ڪابل ۾ ھڪ عبوري سيٽ اپ ايندو جنهن کان پوءِ پاور شيئر جو فارمولو ٺھندو پر طالبان ڳالهين دوران ئي ڪابل تي قبضو ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ چين ۽ روس سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ته ڪٿي اھي آمريڪا لاءِ ته ڪم نه ڪندا، جنهن جي ڪري بائيڊن ۽ سندس انتظاميا کي پنهنجي اتحادي ملڪن جي سربراھن ۽ ميڊيا جي ھيڏي وڏي ملامت برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي، اھڙين امڪاني حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گذريل ھفتي ۾ چين جي ننگشيا خطي ۾ روس ۽ چين جون گڏيل جنگي مشقون شروع ڪيون آهن، جنهن ۾ روس جي اڍائي ھزار فوجن ۽ چين جي ڏھ ھزار فوجن حصو ورتو جيڪي ھڪ ھفتو لاڳيتو جاري رھيون، چين ڪورونا وبا کان پوءِ پھريون ڀيرو روس سان گڏجي جنگي مشقون ڪيون آهن جنهن ۾ جديد ھٿيار استعمال ڪيا ويا پر سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي آهي ته چين ۽ روس جو ھي اتحاد ناٽو وانگر مضبوط ٿيو آهي، جنهن ۾ سياست سان گڏ واپار به شامل ٿي ويو آهي، جنهن کي وري وڌيڪ مضبوط سائبيريا جي برف رجڻ ڪيو آهي جتان اتر يورپ ڏانهن سمنڊ جو رستو کلي پيو آهي، جنهن جي ذريعي چين اتر يورپ تائين پھچي ويندو پر چين ۽ روس جي جنگي مشقن جي پس منظر ۾ ماسڪو جي اڪانامڪ ھاءِ اسڪول جي ويزلي ڪاشن پنهنجي ھڪ تجزيي ۾ چيو آهي ته ماسڪو ۽ بيجنگ پاران ھڪ ٻئي جا ھٿيار ۽ ٻيو ساز ۽ سامان استعمال ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ملڪ ناٽو جي معيار کي پھچي ويا آهن. ڪابل تي طالبان جي قبضي کان پوءِ صدر بائيڊن ۽ سيڪريٽري بلنڪن تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي ته انهن کي افغانستان مان فوجون نه ڪڍڻ گهرجن ھا ڇو ته خوف سبب ڪابل ھوائي اڏي تي تمام گهڻي رش وڌي وئي آهي جتي اوچتو افراتفري پيدا ٿيڻ جي ڪري آمريڪي فوج کي فائرنگ ڪرڻي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، آمريڪي ميڊيا افغانستان مان فوجي ۽ سفارتڪارن سان گڏ پنهنجن ايجنٽن جي افراتفري ۽ تيز رفتاريءَ سان نڪرڻ واري عمل کي سائگان گھڙي ٿا سڏين، سائگان گھڙي جو نالو تڏهن پيو جڏهن 1975ع ۾ ڏکڻ ويٽنام مان سخت شڪست کان پوءِ آمريڪي فوجي ھيليڪاپٽرن ذريعي ايترو ته تيزيءَ ۽ افراتفريءَ ۾ نڪتيون جو پنهنجي حمايتي ايجنٽن ۽ جاسوسن کي ويٽنام ۾ ئي ڇڏي ھليون ويون ۽ پوءِ سڄي دنيا آمريڪا جي اھڙي عمل کي ننديو ھو، ھن وقت به ڪابل ھوائي اڏي تي ساڳي صورتحال ڏسي سگهجي ٿي پر فرق صرف اهو آهي ته سفارتڪارن ۽ پنهنجي حامين لاءِ بائيڊن انتظاميا ھڪ ته 3 ھزار فوج موڪلي آهي جيڪا اڳ ۾ موجود 3 ھزار فوج جي مدد ڪندي ته جيئن ڪابل مان پنهنجن ماڻهن کي ڪڍي سگهجي پر حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڪو لڪل ٺاهه ٿيو آهي ته آمريڪي اتحادين ۽ سندس حامين کي محفوظ رستو ڏنو وڃي جنهن کان پوءِ ڪابل بارود جي ڌپ ۾ نه وٺجي وڃي.