ليکڪ: جان سمپسن
14 نومبر 2001ع تي جڏهن آئون ۽ منهنجا ساٿي ڪابل جي گهٽين ۾ جشن ملهائيندڙ هجوم جي وچان گذري رهيا هئاسين ته هڪ شخص نعرو هنيو ته شڪر آهي ته اوهان اچي ويا آهيو، افغانستان ۾ اتر اتحاد جي طالبان مخالف فورسز جن کي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي حمايت حاصل هئي شهر جي ڀرپاسي ۾ رڪيل هيون ۽ طالبان کي شهر مان فرار ٿيڻو پئجي رهيو هو، تازي دور جي سڀ کان وڌيڪ مذهبي آمريت يعني طالبان جي 5 سالا اقتداردور ختم ٿي چڪو هو، طالبان جي دور ۾ افغانستان هڪ بليڪ هول بڻجي ويو هو، جتي هر قسم جي انتهاپسندي وڌي سگهي ٿي، صرف 2 مهينا اڳ ئي نيوياڪ ۽ واشنگٽن ۾ 11/9 جي حملن جي منصوبابندي اسامه بن لادن ۽ ان جي تنظيم القاعده ڪئي هئي، ان وقت منهنجي وهم ۽ غمان ۾ به نه هو ته طالبان ٻيهر موٽي سگهن ٿا ۽ هر ڪو ان جا سبب ڳولي رهيو آهي ۽ سبب ڳولڻ ڪا مشڪل نه آهي.افغاستان ۾ طالبان کانپوءِ قائم ٿيندڙ حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جون حڪومتون جيتوڻيڪ جمهوري طور تي چونڊيون ويون هيون پر اهي ڪڏهن به مضبوط نه هيون ۽ انهن جي دور ۾ ڪرپشن ئي بهتر انداز ۾ ڪم ڪندي هئي، پر پوءِ به اڄ اشرف غني پنهنجي صدارتي محل ۾ هوندي ۽ افغان فوج مهانگين مغربي فوجي گاڏين ۾ گهمي رهي هجي ها جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو فيصلو نه ڪري ها ته ان کي 2020ع جي آمريڪي چونڊن کان اڳ پرڏيهي معاملن ۾ ڪاميابي گهربل آهي. سندس خيال هو ته هڪ ڊگهي مدي واري جنگ کي ختم ڪرڻ سان کيس اها ڪاميابي ملي ويندي، ڪيترائي افغان سياستدان ۽ صحافي آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ دوحا ۾ فيبروري 2020ع ۾ ڳالهين جي تڪميل کان ڊڄي ويا هئا ۽ انهن جو اهو خوف ان وقت ٻيڻو ٿ ي ويو جڏهن نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته هو ان معاهدي تي قائم رهندو. مون کي خبردار ڪيو ويو هو ته دوحا ۾ طالبان ليڊر جيترا پرامن ۽ اعتدال پسند لڳن ميدان ۾ موجود طالبان ويڙهاڪ مڪمل طور تي ٺاهه جي شرطن جي پاسداري نه ڪندا ۽ اهو ئي ٿيو. جيئن ئي آمريڪا ۽ ٻيون مغربي فوجون ملڪ مان نڪرڻ شروع ٿيون طالبان پنهنجي طاقت ۾ واڌ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، قيدين کي قتل ڪرڻ جي اطلاعن سان ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ خوف پکڙجڻ لڳو ۽ هڪ هڪ ڪري شهر ڪرڻ لڳا. ايستائين جو ڪابل پاڻمرادو انهن جي حوالي ڪيو ويو، افغان عملدار ۽ سينيئر فوجي آفيسرن جي شهر جي هوائي اڏي تي ڊوڙ لڳي وئي ته ڪهڙي به طرح سان ملڪ مان نڪري وڃن، شايد طالبان پنهنجي ان واعدي تي قائم رهندا ته هو ڪنهن کان بدلو نه وٺندا، پوليس، فوج ۽ سول سروس کي چوندا ته اهي ڪم ڪندا رهن، ٿي سگهي ٿوته اهي سوچين ته شايد بهتر آهي ته مغرب کي ٻيهر نه للڪاريو وڃي پر اهم سوال اهو آهي ته طالبان جي ڪنٽرول وارو افغانستان ڪهڙو ملڪ هوندو؟ اسان وٽ ان حوالي سان هڪ ئي گائيڊ آهي اهو آهي 1996ع کانپوءِ 5 سالن وارو طالبان جو دور جيڪو ان وقت شروع ٿيو جڏهن طالبان احمد شاهه مسعود جي حڪومت ڪيرائي هئي، مون ان دوران افغانستان ۾ انتهائي گهڻو وقت گذاريو ۽ ان دور کي تمام گهڻو خوفناڪ پاتو، شريعت جا قانون پنهنجي سخت ترين صورت ۾ هر جا لاڳو هئا ۽ سزا جي طور تي سرعام قتل ڪرڻ، سنگسار ڪرڻ ۽ ڪوڙا هڻڻ ته عام ڳالهه هئي، گهٽين جي ڪنڊن تي بدمعاشن جون ٽوليون بيٺل هونديون هيون جيڪي اهڙن مردن تي حملا ڪنديون هيون جيڪي مغربي لباس ۾ هوندا هئا. عورتن کي صرف ان وقت ٻاهر وڃڻ جي اجازت هئي جڏهن انهن وٽ مردن طرفان لکيل اجازت لکت واري صورت ۾ هجي ۽ انهن مڪمل طور تي برقعو به پاتو هجي، طالبان جي دفاع واري وزير ملا بلوچ هڪ ڀيرو مون سان شڪايت ڪئي ته انٽرنيشنل ريڊ ڪراس انهن جي درخواست ڪري ڇڏي آهي ته کين سرجن ڏنا وڃن جيڪي چورن جا هٿ ۽ پير ڪٽين.ان ڪري انهن کي اهو ڪم پاڻ ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ظاهري طور تي انهن کي ان ڪم ۾ گهڻو مزو ايندو هو. ٽي وي لاءِ ڪم ڪرڻ ته انتهائي ڏکيو هو، ڇو ته ڪنهن به جاندار شيءِ جي تصوير ڪڍڻ مذهبي بنيادن تي منع ٿيل هئي، ڪتابن جي دڪانن تي اڪثر تصويرن جي حملا ٿيندا هئا ۽ دڪاندارن کي ڪوڙا هنيا ويندا هئا. گهڻا ماڻهو جيڪڏهن شهر ڇڏي سگهيا ٿي ته انهن شهر ڇڏي ڏنا، دڪان بند ڪيا ويا، طالبان تيل جي درآمد جا پئسا نٿي ڏئي سگهيا، ڇو ته رات جو شهر جون سڀ روشن لائيٽون اهي ميڻ بتيون جيڪي ماڻهو پنهنجي درين ۾ رکندا هئا ۽ سڀ کان وڏو آواز انهن ڪتن جو هوندو هو جن کي سندن مالڪ ڇڏي هليا ويا هئا.افغان حڪومتن جون مسلسل ناڪاميون پنهنجي جاءِ تي پر ڪابل ۽ ٻين شهرن مان طالبان جي نڪرڻ کانپوءِ انهن شهرن ۾ زندگيون واپس اچي چڪيون هيون، زندگيءَ جو معيار تيزي سان مٿي هليو ويو هو ۽ خالي گهٽين ۾ گاڏين جي ڀرمار هئي، اسڪول وڌڻ ويجهڻ لڳا، خاص طور تي ڇوڪرين جا اسڪول، طالبان جي دور ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي هئي ۽ طالبان جي دور ۾ منع ٿيل موسيقي هر جاءِ تي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. هر جاءِ تي نيون عمارتون هيون، جڏهن آخري ڀيرو آئون اتي ويو هئس ته مان اهي هنڌ به ڳولي نه سگهيس جتي 2001ع ۾ مون ۽ منهنجي بي بي سي جي ساٿين ڪابل ۾ مارچ ڪرڻ شروع ڪيو هو. هاڻ هر جاءِ تي اڏاوتون ٿي چڪيون هيون، گهڻا افغان طالبان جي قبضي کي پنهنجي لاءِ تباهي تصور ڪندا پر هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا طالبان افغانستان کي ان ماضي ۾ وٺي ويندا يا وري انهن پنهنجو سبق سکي ورتو آهي؟