130

معاشري ۾ ڏوهن جا ڪارڻ ۽ سماجي رويا…

ليکڪ: طفيل مگسي

ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن ٻارڙن سان زيادتين جا واقعا وڌي رهيا آهن، ان حوالي سان اسان وٽ 2 موقف آهن هڪ موقف اهو آهي ته معاشري اندر عورتن جو پردو نه ڪرڻ ۽ انهن جو لباس ئي اهڙن واقعن جو سبب آهي، جڏهن ته ٻيو موقف اهو آهي ته جيڪڏهن مٿئين موقف کي وزن به ڏنو وڃي ته ڀلا معصوم ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، انهن کان ڪهڙي بي پردي ٿئي ٿي، اهي ٻه موقف سامهون اچڻ سان ٻين سببن تي پڻ نظر وجهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، اسلامي تعليمات تي جيڪڏهن نظر رکي وڃي ته ان ۾ اها تربيت به شامل آهي ته عصمت ۽ عزت جي حفاظت مسلم مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ بي حيائي کان بچڻ جي هدايت جهڙي ڇوڪرين کي ٿيل آهي، اهڙي ئي ڇوڪرن کي به ڪيل آهي، والدين پنهنجن ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي حفاظت بابت ضروري ڳالهيون نٿا ٻڌائين، نه ئي کين جسم جي خاص حصن جي نزاڪت ۽ انهن کي ڍڪي رکڻ ۽ حفاظت جي تربيت ڏين ٿا، ڪجهه اهڙا خاندان به هوندا جيڪي ٻارڙن کي ايتري اخلاقي همٿ ۽ اعتماد ڏين ٿا ته ٻارڙا پاڻ سان ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائي سگهن ۽ والدين کي ٻڌائي سگهن ته انهن سان ڪنهن ڪهڙي نيچ حرڪت ڪئي آهي. سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، اشتهار، فلمون ۽ ڊراما آهستي آهستي مغربي رستي تي هلي رهيا آهن، جتي اخلاق کان ڪريل مواد، وڊيوز ۽ ٻيون اهڙيون شيون تيزي سان معاشري ۾ گهر ڪري رهيون آهن، جنسي سرگرمين کي مثبت بڻائي رواج ڏيڻ جون ڪارروايون وڌي ويون آهن، تعليمي ادارن ۽ ڇپائي جي ادارن جا ڪم به قومي ذميوارين جي بدلجندڙ تازين گهرجن سان هڪجهڙا نه ٿيون رکن، جنهن ڪري فردن جي صحيح رخ ۾ تربيت نه پئي ٿي سگهي،  تعليمي نصاب ۾ ذاتي حفاظت جي عنوان سان مواد شامل ڪرڻ کپي ته جيئن ٻارڙن کي ان بابت آگاهي ملي ۽ ننڍڙي عمر ۾ ئي انهن کي  ڏنل تربيت اهڙي بيمار ذهنيت سامهون بند ٻڌڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي. معاشري جو اڪثريتي انگ پنهنجي ظاهر هلت چلت، لباس، شڪل ۽ صورت کي مغربي رنگ ۾ بدلائي رهيو آهي، ميل، ميلاپ، محفلن ۾ راڳ رنگ، اٿڻ ويهڻ، بيباڪ ادائن جي نتيجي ۾ معاشري جا فرد عدم برداشت جو شڪار ٿي پنهنجي نفس جا غلام بڻجي وڃن ٿا. هڪ ممڪن سبب اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته اسلام ۾ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ، هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ، بيواهن جو عدت پورو ٿيندي ئي نڪاح ڪرڻ جي هدايت ٿيل آهي، جيئن انسان جي جنسي خواهش حلال طريقي سان پوري ٿيندي رهي ۽ معاشري ۾ بدڪاري پکڙجڻ کان روڪي سگهجي پر اسان جي معاشري ۾ به ان هدايت جي به اصل روح سان به پيروي نٿي ڪئي وڃي. لا اينڊ جسٽس آف پاڪستان جي مطابق 2015ع کان هينئر تائين مجموعي طور تي زيادتي جا 22 هزار 37 ڪيس داخل ٿيا آھن، جن منجهان 4000 هزار 60 ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آھن، هينئر تائين صرف 77 ڏوهارين کي سزائون مليون آھن ۽ رڳو 18سيڪڙو ڪيس پراسيڪيوٽ جي سطح تائين پهتا آھن، جڏھن ته سرڪاري انگن اکرن جي مطابق هڪ ڏينهن ۾ 11 عورتون زيادتي جو شڪار ٿي رهيون آھن، پاڪستان ۾ انهن ڏوھن جي روڪڻ لاءِ حڪومت طرفان ڏوھارين کي نامرد بنائڻ جو صدارتي آرڊيننس جاري ڪيل آھي، زينب الرٽ ۽ ريپ جا مختلف قانون موجود آھن پر ماڻھو انهن مان فائدو نه پيا وٺي سگهن، جنسي ڏوهن جي ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ جي لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ ميڊيڪل رپورٽون نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪنديون آھن پر متاثر ٿيندڙن کي اها ڄاڻ ئي گهٽ ھوندي آھي ته اهڙيون ٽيسٽون ڏوهه جي ٽن ڏينهن جي اندر ڪرائڻيون پونديون آھن، ڪافي ڪيس اهڙيون ٽيسٽون نه ڪرائڻ جي ڪري خارج ڪيا ويندا آھن، اسان جي معاشري ۾ نوجوانن کي تعليم، تربيت، تفريح ۽ تخليق جا ڪي بهتر موقعا به مسير ناهن، بيروزگارن جي گهڻائي، معاشي بدحالي جي ڌٻڻ، غربت جي ديو، اڳواڻي جي کوٽ ۽ زهريلو سماجي استحصال به انهن ڏوھن جي واڌاري جو سڀ کان وڏو سبب آھي، ٻين ڏوھن جيان جنسي ڏوھن کي روڪي يا گهٽ ڪري سگهجي ٿو جيڪڏھن مجموعي ماحول ۾ بهترين اخلاقي تقاضائن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو