ٺٽو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال سبب سيڪيورٽي خدشا موجود آهن، ٺٽي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد علي ملڪاڻي جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال سبب سيڪيورٽي خدشا موجود آهن، عاشوري تي وڌيڪ سيڪيورٽي سخت ڪئي ويندي. سيڪيورٽي سخت ٿيڻ سان ماڻهن کي تڪليف ضرور ٿيندي آهي پر عوام کي گهرجي ته هو حڪومت سان تعاون ڪن. مواڇ ڳوٺ واقعي جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي، اهو هڪ بزدلاڻو واقعو هو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته اهڙي قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. الله تعاليٰ دهشتگردن کي دوزخ نصيب ڪندو.
