ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سموري صوبي جا اسڪول وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ اسڪولن کي وڌيڪ هڪ هفتو نه کوليو ويندو. هن هڪ هفتي دوران استاد، اسٽاف ۽ والدين ويڪسينيشن ڪرائين. مراد علي شاهه چيو ته اسڪول جي استادن ۽ ٻارن جي والدين کي به پنهنجو ويڪسين سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ڏوراپو ڏنو ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته اسان جي پاڻي جي ڪٽوتي تي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. واضح رهي ته پهريان سنڌ حڪومت اسڪولن کي سومر 23 آگسٽ تي کولڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هاڻ سنڌ جي وڏي وزير جي اعلان کان پوءِ اسڪول 30 آگسٽ کان کوليا ويندا.
