اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ حڪومتي بيان تي اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ مطابق اجلاس ۾ سُڌ سماءُ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، بچاءُ واري وزير سميت عسڪري اختيارين کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ افغانستان جي معاملي تي حڪومتي بيان ۽ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.
