ليکڪ: ڪاشف لغاري
ناول منھنجي پسند جي صنف آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ان ۾ حالتن، ڪيفيتن، تڪليفن، قصن ۽ واقعن جي شاندار عڪاسي ٿيل ھوندي آھي، ناول ۾ تاريخ جو وڏو سچ سمايل ھوندو آهي، شايد تنھنڪري ئي سنڌ جي مايا ناز ليکڪ ۽ اديب امرجليل چيو آهي ته ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ افسانن ۽ ناولن ۾ لڪل آهي“ دنيا جي ناولن جي سنڌي ناولن سان ڀيٽ ڪيون ته سنڌي ٻولي جي ناولن ۾ ڪافي خاميون نظر اينديون، موضوعاتي ۽ فڪري حساب سان، مان نٿو سمجھان ته اسان جي سنڌي ناول نگارن انهن ڏانهن ڌيان ڏنو ھجي ۽ ڪمين ڪوتاھين تي نظر ثاني ڪئي ھجي. تازو ننگر چنا جو ترجمو ڪيل ناول ”ماتم هڪ عورت جو“ به اھو ئي ڪجهھ ڪري ٿو. 1986ع ۾ ڇپجندڙ ھن ناول ( Requiem for woman’s soul )جو ليکڪ عمر روابيلا ھڪ ارجنٽائي صحافي آهي. ھي ناول سوزانا نالي عورت جي جيل وارتا آهي، ان ۾ تڪليف، تشدد، زنا ۽ زيان جو داستان آهي جيڪو ھونئن به ھر مظلوم محڪوم جو قصو آهي! ناول جي شروعات ۾ لکيل آهي ته جيئن ھر ھارر ۽ خوف واري فلم ڏيکارڻ کان پھرين اھو چيو ٿو وڃي ته ڪمزور دل وارا ھي فلم نه ڏسن تيئن چئي سگھجي ٿو ته ڪمزور دل وارا ھي ناول نه پڙھن، ھي ناول انسانيت کان ھٽي ڪري وحشيت جو ھڪ جاڳندو مثال آهي ته انسان ٽارچر ڪرڻ لاءِ ڪھڙين حدن تائين وڃي سگهي ٿو، ھن ناول کي پڙھڻ سان انيڪ سوال ذھن ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ دماغ تي خوف ڇانئجي ٿو وڃي، ھي ناول ارجنٽائين سميت سموري لاطيني آمريڪا ۾ ڪيوبا جي انقلاب کان پوءِ پيدا ٿيندڙ حالتن تي لکيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ آمريت جو دور شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو لڳاتار 10 سال ھلي ٿو جنهن ۾ چونڊي چونڊي انقلابي سياسي ماڻھن کي قتل ڪرايو ٿو وڃي، لڳ ڀڳ 50 ھزارن جي ويجھو ماڻهو سڌي ريت ماريا ٿا وڃن ۽ 30 ھزار ماڻهو کنڀي گم ڪيا ٿا وڃن، ھن ناول جا 2 مک ڪردار آهن، ھڪ سوزانا نالي عورت ٻيو وري ڪيٿولڪ چرچ جو پادري فادر اينتونيو. ھي ناول ھڪ عورت جو خاموش احتجاج آهي، ھن سان جيل ۾ جيڪو ٿيندو آهي، جيڪي سزائون ۽ ٽارچر جا نوان طريقا مٿس استعمال ڪيا وڃن ٿا انهن کي بھادري سان برداشت ڪري ٿي، جنهن جو ذڪر پاڻ ڊائري ڪيو اٿس، ھن ناول پڙھڻ کان پوءِ اسان جي ذھن ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ملي ٿا وڃن ته ٽارچر سيلن ۾ ڪھڙي قسم جو ٽارچر ڪيو ٿو وڃي، ٽارچر ڪندڙ ڪيترا بي رحم ۽ وحشي ھوندا آھن. ھن ناول ۾ سڄي جنگ انهي ڳالهھ تي ٻڌل آهي ته جيڪو مغربي اصولن ۽ چرچ خلاف ڳالھائيندو ان کي گم ڪيو ويندو يا ماريو ويندو، ھي ناول آمريڪي آمريت جي ظلم ۽ وحشيت کي دنيا آڏو وائکو ٿو ڪري، ناول ۾ ھڪ هنڌ لکيل آهي ته ”ٽارچر سيلن ۾ جرنل ۽ ڪرنلن طرفان ڊاڪٽر رکيو ٿو وڃي جيڪو انهن قيدين جو علاج ٿو ڪري انهي ڊاڪٽر جو نالو مينگيلي آهي جيڪو چالباز ۽ مڪار آهي، سوزانا جي اڳيان ھڪ بيحد حسين عورت جا ستن مھينن جي پيٽ سان آهي ان تي ايترو تشدد ٿيندو آهي جو ڊاڪٽر مينگيليي کانئس وڃي علاج لاءِ پڇي ٿو ۽ آھستي ڪري تار کي چمچي سان ٻڌي ان عورت جي سار اندر لنگھائي ٿو ڇڏي جيئن بجلي جي ڪرنٽ جو اثر ان جي پيدا ٿيندڙ ٻار تائين پھچي سگهي ۽ ڊاڪٽر جي اشاري سان وولٽيج وڌائي ٿا ڇڏين ۽ عورت جي ھيٺين حصي ۾ رت ڦوھارا ڪري وھڻ ٿي لڳي، عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃي ٿي“ ھڪ ٻئي ھنڌ لکيل آهي ته ”ھڪ مرڪندڙ سھڻي ڇوڪريءَ کي قتل ڪيو وڃي ٿو ان جي لاش کي ٻاهر گھليو وڃي ٿو، ليفٽيننٽ ڪھاڙي سان ان عورت جي جسم تي تشدد ڪري رھيو ھوندو آهي ۽ ڪھاڙي سان عورت جا ھٿ ڪپي ڇڏي ٿو“ ھي ناول اسان کي ھڪ مذاحمتي ڪردار ٿو ڏيکاري جيڪو ايترين تڪليفن سھڻ جي باوجود به ڏاڍ جي خلاف للڪاري ٿو، جيل ۾ لڪ ڇپ ۾ ويھي ڊائري لکي ٿو جيئن ساڻس ٿيندڙ ظلم بابت عام ماڻهو کي به خبر پئجي سگهي.