ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ پنهنجا همراهه خوشي مان نه ٿا ماپن، ڪي پنهنجين اڳڪٿين تي خوش ٿي رهيا آهن ته ڪي وري طالبان جي تبديل ٿيڻ جي نويد ٻڌائي رهيا آهن ته ڪي وري بي چيني جا بيان جاري ڪري رهيا آهن، طالبان جي افغانستان تي قبضي جا اثر ته جلد ملڪ ۾ چٽا ٿيڻ لڳندا پر في الحال ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر مجاهدن،طالبان اتر، ڏکڻ سٺن ۽ برن طالبان جو ذڪر ڪري فائدو حاصل ڪريو، تاريخ پنهنجو پاڻ کي بار بار دهرائي رهي آهي پر پاڪستان جو عوام ۽ حڪمران شايد دنيا جي واحد مخلوق ۾ شمار ٿيندا آهن جن ڪڏهن ماضي مان ڪجهه سکيو ناهي. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان دهشتگردي واري جنگ ۾ 83000 کان وڌيڪ جانين ۽ تقريبن 126 بلين ڊالر جو نقصان برداشت ڪري چڪو آهي، ملڪ جي وڏن شهر کان وٺي ننڍا شهر انهي دهشتگردي جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 18000 دهشتگردن سان گڏ 1100 القائدا جي اڳواڻن کي جهنم واصل ڪيو ويو هو، 83000 هزاز جانين کي نقصان پهچائڻ وارا خبر ناهي ته ڪهڙي فارمولي ۽ ڪهڙي گنگا مان سنان ڪري ساڌو ٿي وڃن ٿا يا ڪهڙي وضو ڪرڻ کانپوءِ ”سٺا طالبان“ ، ”برا طالبان“ ۽ هاڻ وري ”نوان طالبان“ سڏجي رهيا آهن، اڳ به ملڪ جي مسجدن، اسڪولن ۽ درگاهن کي نشانو بڻايو ويندو هو ۽ اڃا به اهو سلسلو هلندڙ آهي، پوءِ انهن جي ذميوارن ۽ انهن خيالن کي تبديلي جو لباس پارائي فرشتن جي لسٽ ۾ ڪيئن آڻي سگهجي ٿو؟ اوهان کي حيرت ٿيندي ته افغانستان جي جنگ وڙهندڙ آمريڪا جي 2000 کان وڌيڪ فوجين پنهنجون جانيون ڏنيون ۽ افغانستان ۾ هيل تائين صرف 70 هزار افغاني شهيد ٿيا، جيڪڏهن پراڻا طالبان نوان بڻجي ويا آهن ته ڇا انهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اڳتي هلي پاڪستان ۾ مداخلت نه ڪندا؟ هن وقت افغان طالبان جو ترجمان چين، روس، ايران ۽ پاڪستان جي حمايت ڪنهن بلاڪ جي هجڻ جي ترديد ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ بغليون هڻڻ وارا ڏاڍا خوش ٿي رهيا آهن، اها خوشي 2001ع ۾ به هئي جڏهن آمريڪا ۽ انهن جي اتحادين ڪابل فتح ڪيو هو ۽ خطي ۾ امن جون اميدون ته ان وقت به ڪيون ويون هيون ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اقتداري تبديلي کي پاڪستان جي لاءِ بهتر سمجهيو پئي ويو، جيڪڏهن يقين نه اچي ته2001ع جو اخبارون ۽ ٽاڪ شوز ڪڍي ڏسو، تنهن ڪري هن وقت به خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مذهب جي نالي تي هو پنهنجي جنونيت کي ڪنهن به وقت پاڻ تي حاوي ڪري سگهن ٿا ۽ ان جا انديشا تمام گهڻا آهن، سوويت يونين کان آزادي حاصل ڪندڙ مجاهدين جن سان آمريڪا به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هو انهن افغانستان کي آزاد رياست بڻايو ۽ وري اهي مجاهد القائدا جا اڳواڻ ٿي ويا، ڇا ان وقت جا افغانستان جا منظر دل لڀائيندڙ هئا ؟ تڏهن اهي بهتر دوست هئا ۽ جڏهن آمريڪا ۾ 11/9 جو واقعو ٿيو ته اوچتو اهي هيرو دنيا جا وڏا دهشتگرد بڻجي ويا ۽ اڄ جڏهن افغانستان جي طالبان ڪمانڊ سنڀالي رهيا آهن ته پاڪستان جون مذهبي ۽ سياسي پارٽيون انهن کي مبارڪ ڏئي رهيون آهن ۽ انهن ۾ خوشي جي لهر ان ڪري به آهي ته انهن آمريڪا جي چڙهائي جي ملڪ ۾ رهي مخالفت ۽ آمريڪا ۾ ويهي حمايت ڪئي هئي ۽ هاڻ انهن جو خيال آهي ته ان دور جي افغان قيادت جي مٿان ظلم ٿيو تنهن جي ڪري انهن پنهنجو ردعمل ڏيندي اسان سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو، دهشتگردي هڪ ذهنينت ۽ جنونيت جو نالو آهي ۽ اها ذهنيت پنهنجي بچاءُ جي لاءِ مذهب جو استعمال ڪندي آهي، تاريخ جيڪڏهن ڏسجي ته انهي جنوني جنم کان پهرين افغانستان بلڪل يورپي طرز جو ملڪ هو، اڄ کان 60 سال پهرئين افغانستان جدت ۽ ماڊريشن ۾ ترڪي کان به اڳتي هو، 11/9 کان پهرين طالبان يا القائده اسلام جا متقي شيدائي هئا ته پوءِ دنيا ۾ آفيم ۽ هيروئن جي اسمگل ڪرڻ وارا ڪير هئا؟ پنهنجي نوجوان نسل سان گڏ مسلمان ملڪن جي نوجوانن کي اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ نه لاهين ها، صحافي طاهر خان افغان معاملن تي گهري نظر رکي ٿو هن جي چوڻ جي مطابق ته طالبان جنهن تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهي ۾ انهن جي هر موقف ۾ اگر مگر ڇو نظر اچي رهي آهي، چٽو موقف ڇو اختيار نه ٿا ڪن، انهي ڳالهه مان اندازو لڳايو ته طالبان جي ذهنيت ڪيتري تبديل ٿي هوندي؟ 20 سالن جي مسلسل جنگ کانپوءِ مئي کان آگسٽ تائين جي ٽن قليل مهينن ۾ اوچتو ڪهڙي سليماني ٽوپي طالبان جي هٿ اچي وئي جو اهي ڪابل تي پنهنجو سڪو ڄمائڻ لاءِ تيار آهن، آمريڪا نه صرف دنيا کان لڪايو پر پاڻ کي انهي دوکي ۾ رکيو ته مڪمل افغانستان جو ڪنٽرول سندن هٿ ۾ هو، حقيقيت ته اها آهي ته آمريڪا جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي باجود 70 سيڪڙو علائقا به فتح نه ڪري سگهيو هو ۽ سخت موسمن سان گڏ پٿريلن علائقن سندس فوج جا حوصلا 2010 ع ۾ ئي خطا ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن انهن افغانستان ۾ هڪ فوج ٺاهڻ شروع ڪئي، دراصل طالبان جي طاقت کي 2010ع کان ئي تقويت ملي، اڄ جڏهن ڪابل ۾ طالبان داخل ٿيا ۽ انهن جي داخل ٿيڻ کانپوءِ افغاني عوام جي طرفان انهن جا هٿ چمي استقبال ڪيو ويو ته ياد رکو انهن جو استقبال ڪنهن طالبان يا افغاني نه ڪيو پر انهي ذهنيت ڪيو جنهن کي فتح ڪرڻ لاءِ آمريڪا بظاهر پنهنجين اتحادين سان حملا آور ٿيو هو، آمريڪا جي صدر جو بائيڊن به اهڙن ئي خيالن جو اظهار مايوسي مان ڪيو آهي ته جڏهن افغان قوم ۽ فوج پنهنجي لاءِ وڙهي نه ٿي سگهي ته اسان انهن جي لاءِ وڌيڪ قربانيون ڇو ڏيون؟ آمريڪا جي فوج جو اوچتو نڪرڻ، اوچتو اشرف غني جو ملڪ ڇڏي وڃڻ، اوچتو طالبان جو ڪابل کي قابو ۾ آڻڻ، هي ڪا فلم يا ڊرامو ناهي جو سڀ ڪجهه سسپينس پيدا ڪرڻ لاءِ ٿي رهيو آهي، اڄ جنهن طالبان تي تبديل ٿيڻ جو ٽيگ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي انهن ڪابل ۾ عام معافي جو اعلان ڪيو آهي، ٽي وي تي خاتون اينڪر سان ويهي پنهنجو موقف ڏنو آهي، ۽ دنيا سان سٺا تعلق رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ،هن دفعي طالبان پنهنجو پاڻ کي مضبوط اقتدار ۾ رکڻ جي لاءِ آمريڪا ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائي چڪا آهن، طالبان جي لاءِ چين کان وڌيڪ اهم آمريڪا هوندو، هن وقت جيتوڻيڪ روس، چين ، ايران ۽ پاڪستان کي بظاهر اهي پنهنجو همدرد ٻڌائي رهيا آهن پر تازو ئي جڏهن پاڪستان جيان گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جي لڪير ڇڪجي وئي ته آمريڪا جا هن خطي ۾ مفاد افغانستان ۽ انڊيا کان سواءِ ڪير به پورا نه ٿو ڪري سگهي، آمريڪا جو مقصد چين کي دنيا جي سپر پاور بنجڻ کان روڪڻ آهي ان ڪري اهي ماضي جيان افغانستان ۾ گڊ افغان يا گڊ طالبان سان ويهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا، پاڪستاني وزيراعظم عمران خان ڀلي افغاني عوام کي غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ جي نويد ڏئي پر موجوده صورتحال کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته هڪ ٻن سالن ۾ طالبان حڪومت جو دٻاءَ پاڪستان تي تمام گهڻو پوندو، ڇو ته طالبان هڪ ذهنيت جو نالو آهي جنهن جا حامي ملڪ ۾ قدرِ حيثيت ۾ موجود آهن، انهن ۾ اڪثريت قبائلي علائقن جي آهي ، نه صرف ايترو پر طالبان جو پاڪستاني چيپٽر جنهن جي ٻيهر ايڪٽو ٿيڻ جا خدشا پاڪستاني ادارا اڳ ئي ڪري چڪا آهن، هاڻوڪي طالبان جي فتح کان پوءِ انهن جي موقف کي وڌيڪ تقويت ملي آهي، ان کانسواءِ مذهبي سياسي پارٽيون پڻ انهن جو اثر رکن ٿيون،اهڙي وقت ۾ وزيراعظم عمران خان جو بيان ته افغان عوام غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن، ان جا ملڪ تي گهرا اثر پوندا، پر هڪ محب الوطن پاڪستاني طور آئون سوال ڪرڻ جو حق رکان ٿو ته افغانين ڪيترا دفعا اهي غلامي جو زنجيرون ٽوڙيون آهن ۽ ڪيترا دفعا اهي زنجيرون پنهنجي ڳلي ۾ وڌيون آهن؟ ڇا هي افغان قوم جو آخري ڀيرو هوندو يا وري ڏهاڪو کن سالن ۾ اهڙي تبديلي ۽ ڳلي جي توقن کي پائڻ يا لاهڻ جو سلسلو جاري رهندو؟ ۽ افغان قوم سان گڏوگڏ هڪ دفعو ٻيهر وري پاڪستاني پنهنجي جان مال جي قرباني ڏيندا.