ليکڪ: آصف شاهد
آمريڪي فوجي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان تي طالبان جي مڪمل قبضي جا اندازا لڳايا پئي ويا پر آمريڪي ڊيڊ لائن مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪابل انتظاميا سرينڊر ڪري ڇڏيو ۽ طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو، افغان طالبان جي مئي ۾ شروع ٿيل اڳڀرائي ان قدر تيز رفتار هئي جو آمريڪي انٽيليجنس به پنهنجي رپورٽن تي نظرثاني ڪرڻي پئجي وئي، پهريان چيو ويو ته طالبان کي قبضي لاءِ هڪ سال گهربل هو پر پوءِ هڪٻئي پويان وڏن شهرن تي بنا مزاحمت جي قبضو ٿيندو ويو ته آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ تبديل ڪري ڇڏي ۽ چيو ته 30 کان 90 ڏينهن تائين طالبان ڪابل تي قبضو ڪري سگهن ٿا ۽ ان نئين رپورٽ جي صرف 5 ڏينهن کانپوءِ طالبان ويڙهاڪ افغان صدارتي محل ۾ ويٺا هئا، افغان طالبان جي تيز ترين اڳڀرائي، افغان فورسز جو بنا ويڙهه جي تباهه ٿيڻ، ڪابل ايئرپورٽ تي آمريڪي سفارتي عملي ۽ شهرين کي ڪڍڻ واري آپريشن دوران ويٽنام ۾ آمريڪي فوجي شڪست کانپوءِ سائگون ايئرپورٽ جهڙن منظرن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، اهو سڀ ڪجهه ايترو تيز ترين ۽ غير متوقع هو جو عالمي ليڊرن کي ردعمل تيار ڪرڻ ۾ به وقت لڳو، آمريڪي صدر موڪلن تي ڪئمپ ڊيوڊ ۾ هو، سندس فوري ردعمل نه آيو ته آمريڪي ميڊيا سندس پويان پئجي وئي ۽ کيس موڪلن دوران ئي وائٽ هائس اچي ردعمل ڏيڻو پيو، آمريڪي صدر پرومپٽر تان ڏسي تقرير ڪئي ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ بنا ئي هليو ويو، آمريڪي صدر کان اڳ برطانيا، فرانس ۽ جرمني جهڙا اهم اتحادي ردعمل ڏئي چڪا هئا ۽ طالبان جي قبضي کي تسليم نه ڪرڻ کانسواءِ پابنديون مڙهڻ جون ڌمڪيون به سامهون اچي چڪيون هيون، ان ڪري اميد ڪئي پئي وڃي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن به ڪجهه سخت اعلان ڪندو پر آمريڪي صدر جيڪو چيو ان وري دنيا کي نئين حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، آمريڪي صدر جو سڀ کان اهم جملو منهنجي نظر ۾ اهو آهي ته آمريڪي ڪنهن اهڙي جنگ ۾ وڙهي ۽ مري نٿا سگهن جنهن ۾ خود افغان وڙهڻ لاءِ تيار نه آهن، آمريڪي صدر انٽيليجنس اندازن ۾ غلطي جو به اعتراف ڪيو پر پنهنجي فورسز جي نڪرڻ واري منصوبي ۽ ان تي عمل جي تعريف ڪئي، هن افغان مشن مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ 20 سالن ۾ ڪيل غلطين جو به ذڪر ڪيو، افغان طالبان به هن وقت تائين حڪومت سازي جي حوالي سان ڪو اعلان ناهي ڪيو ۽ دوحا ۾ ڳالهيون جاري هجڻ جون خبرون سامهون اچي ويون آهن، انهن حالتن ۾ هي سوال اٿي رهيا آهن ته افغانستان ۾ حقيقت ۾ ٿيو ڇا؟ آمريڪا ۽ باقي دنيا طالبان حڪومت سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندي؟ طالبان جو پنهنجو رويو، پاليسي ۽ حڪومتي ڍانچو ڪهڙو هوندو؟ اهي سڀ اهم سوال آهن ۽ انهن جي جواب ۾ ئي دنيا جو ردعمل ئي لڪل آهي، اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ان جي ٽيم دوحا ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪندڙ اشرف غني انتظاميا کي اهو چئي انهن کان ٻاهر رکيو ويو ته آمريڪا ۽ طالبان جون ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بين الافغان ڳالهيون شروع ڪرايون وينديون، هتان کان ئي افغانستان جي اندروني سياست جي رانديگرن پنهنجو ڪم شروع ڪيو. اشرف غني ۽ عبدالله عبدالله ٻئي مخالف هجڻ باوجود اقتدار ۾ شريڪ رهيا، اشرف غني جو ڀيرا چونڊجڻ شڪي هو پر آمريڪا انهن وچ ۾ ٺاهه ڪرائيندو رهيو، ٻيو ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ اشرف غني هيرا ڦيري ڪري صدر ٿيو ته عبدالله عبدالله اقتداري شراڪت واري فارمولي تي افغان حڪومت جي امن ڪائونسل واري سربراهي هٿ ۾ کنئي هئي.آمريڪا اشرف غني انتظاميا کي طالبان سان ڳالهين کان ٻاهر کيو پر ذلمي خليل زاد ڪابل انتظاميا کي اعتماد ۾ وٺندو رهيو، واشنگٽن طرفان افغان سياستدانن کي اختلاف وساري گڏ ٿيڻ ۽ امن ڳالهين جي تيارين جا پيغام ڏنا ويا، افغان سياستدانن ۽ جنگي سردارن الڳ الڳ امن منصوبا ٺاهيا ۽ ڪنهن هڪ تي به اتفاق جي ڪوشش نه ڪئي، ڪابل ۾ اڌ درجن امن منصوبا ۽ انهن جا ڊرافٽ گردش ڪندا رهيا، مارشل دوستم جي منصوبي ۾ نه نسلي اقليتن جي حقن جي ضمانت ۽ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جون تجويزون هيون، حڪمت يار جو خيال هو ته ڪا اتحادي حڪومت ٺاهڻ کان بدران غير تڪراري شخصيتن تي ٻڌل نمائندا حڪومت ٺاهڻ گهرجي، اشرف غني جو مطالبو هو ته طالبان رڳو جنگبندي تي راضي ٿين، ان کانپوءِ چونڊن ۽ اقتدار جي منتقلي جا مرحلا طئه ڪيا وڃن، افغان طالبان ڳالهين واري عمل ۾ هڪڙو ئي موقف رکيو ۽ ڪابل انتظاميا ان جي اتحادي سياستدانن يا جنگي سردارن جي منصوبن تي ڪا به ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي، اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ٺاهه تحت آمريڪي فوجي نڪرڻ واري ڊيڊ لائين پهرين مئي مقرر ٿي هئي پر بائيڊن ان کي وڌائي 11 سيپٽمبر ڪيو، آمريڪين جو خيال هو ته ان عرصي ۾ ڌرين کي ميز تي ويهاري فوجون ڪڍيون وينديون ۽ هڪ سال تائين طالبان ڪابل تي قبضي جي پوزيشن ۾ نه هوندا، ائين ڳالهين لاءِ مناسب وقت ملي ويندو، آمريڪا دوحا کان هٽي استنبول ۾ ڪانفرنس جو منصوبو ٺاهيو پر اها ڪانفرنس نه ٿي سگهي ۽ ائين وقت نڪرندو ويو، افغانستان جو اڳوڻو صدر حامد ڪرزئي جيڪو ڪابل ۾ سڀ کان وڏو سياسي رانديگر آهي ۽ اقتدار کان ٻاهر ويٺل هو ان 4،5 مهينا اڳ نئين انٽري ڏني ۽ امن منصوبو پيش ڪري ڇڏيو، ان منصوبي جي حمايت لاءِ هن جنگي سردارن ۽ اهم سياستدانن کي به اعتماد ۾ ورتو، آمريڪا خلاف کلي ڳالهائيندڙ ڪرزئي ٻيهر انٽري کانپوءِ واشنگٽن تنقيد کان پاسو ڪرڻ لڳو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو. حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله اڳ ئي سياسي طور اڪيلي صدر اشرف غنيءَ کي وڌيڪ اڪيلو ڪيو ۽ منصوبي جي نقطن تي ڪم ڪيو، منصوبو اشرف غني انتظاميا سان ڳالهين بدران جنگي سردارن سان الڳ الڳ ٺاهن جي صورت ۾ آزمايو ويو، طالبان جنهن صوبي جو رخ ڪيو، اتان جي جنگي سردارن مزاحمت کانسواءِ هٿيار ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنگي سردارن کي ٺاهه تي راضي ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ ڀائيواري جي لالچ سان گڏ ڌمڪيون به ڏنيون ويون، اسماعيل خان جهڙا ڪمانڊر به ٺاهن جي نتيجي ۾ سرينڊر ڪري ويا ۽ آمريڪا کي انٽيلجنس اندازن ۾ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪرڻو پيو، طالبان جي حڪومت ڪهڙي هوندي ان سوال تي طالبانن جي به تياري نه هئي، دوحا ۾ طالبان قيادت ان جواب جي ڳولا ۾ مٿو جوڙي ويٺل آهي ۽ هن ڀيري انهن افغانستان کي امارات اسلاميه افغانستان قرار ڏيڻ کان پرهيز ڪندي چيو آهي ته نئين حڪومت جو نالي ۽ ڍانچي تي مشورو ٿي رهيو آهي، جلد اعلان ڪيو ويندو، هن ڀيري طالبان کي جيڪو سڀ کان وڏو مسئلو سامهو آهي اهو آهي قانوني جواز ۽ عالمي برادري جي قبوليت، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ 3 رڪني ڪائونسل سندن مدد ڪري رهي آهي، جنهن جي ميمبرن ۾ اڳوڻو صدر حامد ڪرزئي، امن ڪائونسل جو سربراهه عبدالله عبدالله ۽ جنگي سردار گل بدين حڪمت يار شامل آهن. ان ڪائونسل سان ڳالهين لاءِ افغان سياسي آفيس مان امير خان متقي ڪابل پهتو آهي ۽ حامد ڪرزئي سان پنهنجن لفظن ۾ طالبان حڪومت کي قانوني جواز ڏيڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي.
——————————————————(هلندڙ)