ليکڪ: طفيل مگسي
هڪ ڏينهن فيڊل ڪاسترو پنهنجا بوٽ پالش ڪري رهيو هو ته هڪ نوجوان آيس ۽ ڪاسترو کي چيائين ته”بوٽ مون کي ڏي ته مان پالش ڪري ڏيان“ڪاسترو موٽ ۾ نوجوان کي وراڻيو ته ”پٽ تون وڃ ڪنهن پٿر تي ڪيوبا جو جهنڊو ٺاھه يا ڪنهن وڻ جي ٿڙ تي وڃي ٺاھه ته جيئن توکي وطن پرستي جو احساس ٿئي، جيڪڏھن تو منهنجا بوٽ پالش ڪيا ته تون پنهنجو پاڻ ۾ غلامي جو ۽ مون ۾ وري حڪمراني جو زهر اوتي ڇڏيندين“ بهترين ملڪ اهو آھي ته جيڪو پنهنجا مفاد عام انساني مفادن جي مطابق رکي.جيڪو عالمي امن، ماحوليات، ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت جي راھه ۾ پنهنجو قومي آدرش مقرر ڪري، پاڻ پنهنجي آزادي ۽ سالميت برقرار رکندي سموري جهان جي خير جو سوچي ۽ ان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي، سوشلزم جي دنيا خامين ۽ ڪمزورين کان پاڪ ته ناهي پر اها حقيقت آھي ته اها نيڪين ۽ ڀلائين ۾ ان قدر غني ۽ ان قدر امير آھي جو ڀيٽ ڪرڻ مشڪل ٿيو وڃي ته ڪهڙو سوشلسٽ ملڪ وڌيڪ انسان دوست يا بين الاقواميت پسند آھي، انقلاب نه ته ڪنهن جي فرمائش تي ايندو آھي نه ئي انقلاب ٻاھر کان ايندو آھي پر ڪنهن به سماج جون وقتي حالتون ۽ واقعا ان سماج ۾ انقلاب برپا ٿيڻ جو وقت مقرر ڪن ٿا، اهو به ٿي سگهي ٿو ته انقلاب برپا ٿيڻ ۾ 5، 10 يا 15 سال لڳي وڃن، اهو به ممڪن آھي ته ڪنهن سماج ۾ انقلاب جي لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪرڻ وارن جي زندگي ۾ به انقلاب نه اچي پر هڪ سچي انقلابي جو ان ڳالهھ تي مڪمل يقين هوندو آھي ته انقلاب ضرور ايندو، 13 آگسٽ 1926ع ۾ ڪيوبا جي اڀرندي صوبي ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو 90 سال 3 مهينا ۽ 13 ڏينهن هن دنيا ۾ گهاريا پر ان ڊگهي عمر حاصل ڪرڻ واري ڪامريڊ ڪاسترو 71 سال جدوجهد کي ارپيا، هن پنهنجي عملي جدوجهد جي شروعات گهر کان ان وقت ڪئي جڏھن سندس عمر رڳو 19 سال هئي ۽ اهو زمانو 1945ع جو هو، ڪاسترو پنهنجي ئي بابا جي ڪمند وارين ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن جي هڪ هڙتال منظم ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته ان جو بابا پنهنجين ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي پوري محنت نٿو ڏئي، جڏھن ته 1946 ع تائين فيڊل ڪاسترو فقط 20 سالن جي عمر ۾ ھڪ مقرر ۽ عملي انقلابي جي روپ ۾ سامهون اچي چڪو هو، ان دوران هن ڪيوبا ۾ پکڙيل ڪرپشن جي خلاف هڪ انقلابي تقرير ڪئي جيڪا تقرير اخبارن جي فرنٽ پيجن تي شايع ٿي، 1947ع ۾ 21 سالن جو فيڊل ڪاسترو نيو سوشلسٽ گروپ پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، 1948ع ۾ 22 سالن جي فيڊل ڪاسترو لاطيني آمريڪا جي ملڪن وينزويلا، پاناما ۽ ڪولمبيا جا دورا ڪيا ۽ انهن ملڪن جي انقلابي شاگردن سان گڏوگڏ عام ماڻھن سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان رابطا قائم ڪيا، جڏھن ته ساڳئي سال هن بسن جي ڪرائي ۾ ڪيل واڌ جي خلاف احتجاج جي قيادت ڪئي جيڪو احتجاج بعد ۾ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويو جيتوڻيڪ ان وقت تائين فيڊل ڪاسترو مارڪسي نظريو اختيار ڪري چڪو هو. 1952ع ۾ ھڪ صدي اڳ ڪيوبا ۾ انقلابي عمل شروع ڪرڻ واري جوزي مارني جي پوئلڳ هئڻ جي دعويدار فيڊل ڪاسترو فوجي بيرڪن تي حملا ڪري ڪيوبا ۾ انقلاب برپا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي ۽ ان وقت ڪامريڊ ڪاسترو ان ڳالهھ جو پورو خيال رکيو ته ان جي 65 ساٿين منجهان ڪو به پرڻيل نه هجي، جيتوڻيڪ هو پاڻ ان وقت نه رڳو پرڻيل هو پر ڪيترن ئي ٻارڙن جو پيءُ پڻ ھو، ڪامريڊ ڪاسترو ۽ سندس ساٿين 20 جولاءِ 1957ع تي مون ڪاڊا بيرڪن تي حملو ڪري ڏنو، پر سندس اهو انقلابي عمل ناڪام ٿيو، ان حملي ۾ فيڊل ڪاسترو جون ٻئي ڄنگهون ٽٽي ويون ۽ ھو گرفتار پڻ ٿي ويو ۽ ھڪ سال سانتياگو ۾ قيدي رهيو، ان موقعي تي عدالت ۾ ڏنل هن جو بيان ڄڻ ته تاريخي دستاويز آھي، سندس بيان جو عنوان هو ”تاريخ مون کي بيگناهه ثابت ڪندي“ 1958ع ۾ ڪيوبا جي اخبارن کي موڪليل هڪ خط ۾ لکيائين ته ملڪ جي پرامن جدوجهد جا سمورا رستا بند ٿي چڪا آھن، ان ڪري مان ڪيوبا ڇڏي جلاوطني اختيار ڪري رهيو آھيان، هو ميڪسيڪو ڏانهن ويو جتي فيڊل ڪاسترو جي ملاقات نامور ۽ عظيم انقلابي آزادي پسند اڳواڻ چي گويرا سان ٿي، ان پهرين ملاقات ۾ چي گويرا فيڊل ڪاسترو جو عاشق ٿي پيو، هونئن به ان حقيقيت کان انڪار ممڪن ئي ناهي ته فيڊل ڪاسترو جو ذڪر ان وقت تائين مڪمل نٿو ٿي سگهي جيستائين هن کي چي گويرا سان نٿو ڳنڍيو وڃي، هن عظيم اڳواڻ جو چي گويرا سان گڏ ٻين 80 ساٿين سميت 25 نومبر 1958ع کان شروع ٿيل سامراج کان آزادي وارو انقلابي خواب پهرين جنوري 1959ع جي صبح تائين سانڀيان ٿيو ۽ اھو انقلاب 25 مهينا 5 ڏينهن تائين پنهنجي انجام تي پهتو، اهڙي ريت ڪاسترو ڪيوبا جو پهريون وزيراعظم بڻيو ۽ 17 سالن تائين ڪيوبا جو وزيراعظم رهڻ کانپوءِ 1976ع تي ڪيوبا جو صدر ٿي ويو، جيتوڻيڪ هو هن وقت ڪيوبا ۾ ظاھري طور تي ته موجود ناهي پر پوءِ به ڪيوبا جي عوام جي ان سان جيڪا محبت هئي/آھي اها دائمي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي آمريڪي سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڪاسترو چوندو هو ته ”جيستائين انسان جو رت چوسڻ وارو سامراج باقي رهندو.ان وقت تائين حريت ۽ آزادي جا متوالا مزاحمت ڪندا رهندا ۽ اسان انهن جي پٺيان پٺيان هونداسين“ ڪيوبا ۾ ھڪ وڏي تبديلي آڻڻ واري خواب کي ساڀيان ڪري سگهڻ وارو ڪاسترو جيتوڻيڪ 57 سالن تائين حڪمران رهيو، پر هن نه ذاتي ملڪيت رکي ۽ نه ئي عوام جي خزاني جو قرضي رهيو.فيڊل ڪاسترو ننڍپڻ واري عمر کان هڪ انقلابي مشعل کنئي.جيڪا ڪاميابين کانپوءِ نيٺ 25 نومبر 2016ع تي اجهامي وئي.