ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت وڌيڪ هڪ هفتي لاءِ اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسڪول 23 آگسٽ سومر ڏينهن بدران 30 آگسٽ تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن ڪيل پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسڪول وڌيڪ هڪ هفتي تائين بند رهندا ته جيئن تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کي ويڪسينيشن ڪرائي سگهجي، هن والدين لاءِ اهو چيو ته کين اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا لاءِ پنهنجو ويڪسينيشن ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، انڪري والدين لاءِ لازمي آهي ته اهي هڪ هفتي اندر ويڪسينيشن ڪرائين ۽ هاڻي سنڌ ۾ يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول 30 آگسٽ تي کلندا، واضح رهي ته تعليم واري وزير سيد سردار شاهه تعليمي ادارن کي مشروط طور کولڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته صوبي ۾ 23 آگسٽ کان تعليمي ادارا کوليا ويندا، اسڪول گهٽ حاضري سان کوليا ويندا پر جن اسڪولن ۾ ويڪسينيشن 100 سيڪڙو آهي، اهي 100 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا پر هاڻ نئين اعلان کانپوءِ اسڪول 30 آگسٽ کان کلندا. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ گذريل ٻن سالن کان سڀ کان وڌيڪ نقصان تعليم جو ئي ٿيو آهي، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ هن وقت پڙهائي وارو عمل هلندڙ آهي پر سنڌ ۾ اهو عمل مسلسل رڪاوٽن جو شڪار رهيو آهي، هيءَ قوم جو مستقبل جو سوال آهي، ان ڪري ان بابت فيصلن تي سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي، 18 آگسٽ تي صوبائي وزير سردار شاهه پاران ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڏنل انگ اکر نه رڳو ڇرڪائيندڙ هئا پر جيڪڏهن انهن کي ڏسجي ٿو ته سنڌ حڪومت پاران موجوده شرطن وارو عمل 5 سالن ۾ به مڪمل ٿيندي نظر نٿو اچي، سردار شاهه پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته صوبي ۾ 45 لک ٻارڙا زير تعليم هئا، ٻن سالن دوران انهن جو انگ گهٽجي 39 لک تائين پهتو آهي، هاڻ جيڪڏهن 39 لک ٻارڙن جا والدين ويڪسينيشن وارو عمل مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجن ٻارن کي اسڪولن کان پري رکندا ته اهو سلسلو سالن تائين وڃي پهچندو، ساڳئي نموني سان سرڪاري اسڪولن جي استادن جي ويڪسينيشن به اڃا مڪمل ناهي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ٻارڙا پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، اتي موجوده هزارين استادن جي ويڪسينيشن جو عمل ڪڏهن مڪمل ٿيندو، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته اسڪولن بابت فيصلن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي آن بورڊ ورتو وڃي ۽ غير مشروط طور اسڪول کولڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن سرڪار جي شرطن تحت اسڪول کليا ته ان عمل ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو ۽ ٻن سالن دوران سرڪار جي انگن اکرن مطابق 6 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ٿي ويا آهن، جيڪڏهن موجوده شرطون لاڳو ٿيون ته الائي ڪيترا لک ٻارڙا وڌيڪ اسڪولن مان ٻاهر ٿي ويندا ۽ ان قومي نقصان جو ازالو ناممڪن بڻجي ويندو، ان ڪري اسان وڏي وزير کي اها گذارش ڪريون ٿا ته ايس او پيز تحت اسڪولن کي غير مشروط طور کوليو وڃي جيئن لکين ٻارڙن جو مستقبل وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچي پوي، گڏوگڏ سماج جي هڪ سڌريل فرد طور سمورن والدين ۽ استادن تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي مرض کان بچڻ لاءِ پاڻمرادو ويڪسين ڪرائين، ڇو ته هيءَ هڪ قومي ذميواري آهي، جنهن کي هڪ ذميوار فرد وانگر پورو ڪرڻ گهرجي.