126

پاڪستان مٿان تنقيد تي خاموش نه ويهنداسين، اميد ته طالبان عورتن ۽ انساني حقن بابت واعدا نڀائيندا: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اميد آهي ته طالبان عورتن ۽ انساني حقن بابت واعدا پاڙيندا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو دورو ڪيو، جتي هو فورٿ پاڪستان بٽالين کي بٽالين جهنڊو ڏيڻ جي تقريب جو خاص مهمان هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جون مخلصاڻيون ڪوششون هڪ اهڙي خطي لاءِ آهن، جيڪو پرامن، خوشحال ۽ معاشي ڀائيوار هجي، اسان مسلسل عالمي برادري تي واضح ڪيو ته افغانستان جي پرامن حل لاءِ ڪردار نڀائي، پاڪستان افغانستان ۾ بدامني جي ڳري قيمت ادا ڪئي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته معاشي ڏکيائين باوجود پاڪستان افغانين کي پناهه ڏني، پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪوششن تي چُپ نٿا ويهي سگهون، اهي سازشون ڪندڙ اهي ئي آهن، جيڪي علائقائي امن ۾ رنڊڪ آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار نڀائيندا رهنداسين. هن چيو اسان کي اميد آهي ته طالبان عورتن ۽ انساني حقن بابت عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪندا ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيندي، هڪ آزاد ۽ پرامن خطي جو تصور اسان جي پاڙي ۾ انتهاپسندي ۽ گروهي ورهاست جي سوچ هٿان يرغمال آهي، پاڪ فوج سڀني چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. آرمي چيف چيو ته  اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جهڙي عظيم اداري جي تعمير، ترقي ۽ اتقا ۾ اهم سنگ ميل آهي، فورٿ پاڪستان بٽالين 5 سال اڳ قائم ٿيڻ کان هيل تائين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جو شمار دنيا جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو، آگسٽ مهينو اسان کي وڏن جي لازوال قربانين ۽ تاريخي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو، محنتي جوان اسان جو فخر ۽ سرمايو آهن، دنيا جي ڪا طاقت متحد قوم کي نقصان نٿي پهچائي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسان دهشتگردي تي ضابطو واڻي وطن جي سرحدن جو ڀرپور بچاءُ ڪيو، ماڪڙ ۽ ڪووڊ خلاف محدود وسيلن ۽ انفرا اسٽرڪچر نه هجڻ باوجود پاڪستان قوم جي حيثيت سان جنهن بهترين حڪمت عملي جو مظاهرو ڪيو، دنيا ان جي تعريف ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو