113

وزيراعظم جي ويزن تحت عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون: عثمان ڊار

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) ڪامياب جوان پروگرام جي سربراهه ۽وزيراعظم جي صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته عورتن کي معاشري ۾ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم جي ويزن تحت عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻندڙ گلگتي رهائشي رضيه خاتون جي ويڊيو جاري ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو جنهن ڏکيائين باوجود ڪامياب جوان پروگرام ذريعي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. عثمان ڊار چيو ته وفاقي حڪومت هيل تائين 17 هزار نوجوانن ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي چڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو