ڪراچي (ويب ڊيسڪ) زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور وساڻ پاران هلندڙ ٽرين تان ڪرندڙ شخص جي جان بچائيندڙ پوليس اهلڪار جميل ڪلهوڙو کي 50 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهلڪار جميل ڪلهوڙو کي 50 هزار انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، پوليس اهلڪار جميل ڪلهوڙو ريلوي ٽڙيڪ تي ڪرندڙ نوجوان جي جان بچائي هئي. منظور وساڻ چيو ته اسان کي پوليس اهلڪار جميل ڪلهوڙو جهڙن جوانن تي فخر آهي.
