143

عمران خان سمجهي ٿو ته سچ صرف اھو آھي جيڪو ھو پاڻ ڳالھائي ٿو: شازيه مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته تباهي سرڪار پي ايم ڊي اي ذريعي پنهنجن ڏوهن مٿان پڙدو وجھڻ چاهي ٿي ۽ عمران خان پنھنجا سمورا شيرو پي ايم ڊي اي ۾ ڀرتي ڪري چڪو آهي، پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو آهي ته عمران خان نيازي ۽ سندس ايجنٽ سچ ٻڌڻ کان ڊڄن ٿا، عمران خان سمجهي ٿو ته سچ صرف اھو آھي جيڪو ھو پاڻ ڳالھائي ٿوـ ھن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير اطلاعات ميڊيا يونينز بابت ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي پاڻ کي وائکو ڪيو آهي جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد پرنٽ ميڊيا کي ڪاغذ جي ڪوٽا کان نجات ڏياريوـ شازيا مري چيو ته موجوده نااھل حڪومت خود جعلي خبرن جي پيداوار آهي ۽ سلام آھي انھن عظيم صحافين کي جن ڪوڙا سھندي صحافت جي آزاديءَ جو جھنڊو بلند رکيو. ھن چيو پاڪستان پيپلز پارٽي جرنلسٽس ويج ايوارڊ جي حق کي پنهنجو اصول سمجهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو