144

ارسا جي نااهلي جي ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿيندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي کي حصي جو پاڻي گهٽ ملڻ خلاف وفاقي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ارسا جي نااهلي جي ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿيندي. وڏي وزير جي زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور حسين وساڻ وڌيڪ پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اعتراض باوجود ارسا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏئي ۽ گهٽ ڪيو ويو آهي، ارسا پاران سنڌ جو 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽائڻ وارو فيصلو آبادگار ۽ سنڌ دشمن آهي. صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ارسا پنجاب کي وڌيڪ ۽ سنڌ کي تمام گهٽ پاڻي ڏئي رهيو آهي، پاڻي گهٽ ملڻ سبب ڪپهه، ڪمند، چاور ۽ ٽماٽرن جو فصلن تباهه ٿي رهيو آهي، ارسان پاران سنڌ کي حصي جو پاڻي گهٽ ڏيڻ سبب هن ڀيري سنڌ ۾ فصل گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي،عمران خان جو ٽن سالن کان اها پاليسي رهي آهي ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي. زراعت واري صلاحڪار چيو ته ارسا چشما بيراج مان پاڻي هڪ لک 70 هزار مان گهٽائي هڪ لک 40 هزار ڪري ڇڏيو، هن ڀيري پاڻي گهٽ ملڻ ڪري فصل گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي. منظور وساڻ سوال ڪندي چيو ته وزيراعظم ٻڌائي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڇو نه پيو ڏنو وڃي، پاڻي کوٽ سبب سنڌ جا آبادگار متاثر ۽ معيشت تي منفي اثر پئجي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو