سکر (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت سکر ۾ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدارن جي وڪيلن جي غيرموجودگي سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت جي جج آنند رام ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. واضح رهي ته علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس 7 سالن کان ڄاڻايل عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
141