134

ايڊيشنل آءِ جي پاڻ ون فائيو تي ڪال ڪئي، غفلت تي 3 اهلڪار معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف پاران 15 مددگار جي ريسپونس ٽائيم جي تصديق جي لاءِ سر پرائيز چيڪ ڪيو ويو مددگار 15 پاران مقرر وقت ۽ معيار جي مطابق ريسپونس نه ڪيو غفلت ۽ ڪوتاهي ڪندڙ اهلڪارن کي ڪراچي پوليس چيف معطل ڪري ڇڏيو معطل ٿيڻ وارن ۾ مددگار 15/ٿاڻو ٽيپو سلطان تي مقرر اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر افتخار مجيد، مددگار 15 ٿاڻو ايئرپورٽ تي مقرر ڪانسٽيبل سعد طاھر ۽ فيڊ بيڪ آفيسر 15 هيڊ ڪانسٽيبل عدنان شامل آهن ايڊيشنل آئي جي ڪراچي چيو آهي ته ايمرجنسي جي صورت ۾ عوام مددگار 15 جو سهارو وٺندو آهي عوام 15 وارن سان رابطو ڪندو آهي غفلت ڪوتاهي برداشت نه ڪبي ايڊيشنل آئي جي ڪراچي پاران مددگار 15 ريسپانس ٽائيم وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جي اولين ترجيع آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو