ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي 6 فلمن جي شوٽنگ افغانستان ۾ ٿي، اميتاڀ بچن ۽ سري ديوي جي فلم ”خدا گواهه“ جي شوٽنگ افغانستان ۾ ڪئي وئي، فيروز خان، هيما مالني، ريکا جي فلم ”ڌرماتما“ جي شوٽنگ به افغانستان ۾ ٿي، جڏهن ته سيف علي خان جي فلم ايجنٽ ونود جي شوٽنگ لاءِ به افغانستان جي چونڊ ڪئي وئي، ان کان علاوه سنجي دت، نرگس فخري، جان ابراهم، فردين خان جون فلمون به افغانستان ۾ فلمايون ويون.
