ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره ڪترينا ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي مڱڻي وارين خبرن ۾ صداقت ناهي، بالي ووڊ سندري ڪترينا ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي جا افواهه پکڙجي ويا، ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي والد خبرن کي بي بنياد ۽ افواهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف هڪ ڏينهن اڳ سلمان خان سان ” ٽائيگر ٿري“ جي شوٽنگ لاءِ روس رواني ٿي آهي.
