لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته فواد عالم لاجواب فارم ۾ آهي، بابر اعظم فواد کي چيو هو ته ٽيم کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ وڏي پارٽنر شپ ڪرڻي پوندي، ٻنهي طئي ڪيو هو ته رنز بڻائڻ لاءِ وڌيڪ دير ڪريز تي رکڻ ضروري آهي، هن چيو ته مشڪل وقت ۾ فواد عالم کيڏندو آهي، اسان کي ان مان سکڻ گهرجي، ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن تي راند جي حوالي سان هن چيو ته ڏينهن جي شروعات ۾ بالرز کي پچ سان مدد ملي رهي هئي، شروعاتي ٽي وڪيٽون جلد ڪرڻ بعد فواد عالم ڀرپور ساٿ ڏنو.
