121

آمريڪا افغان نبيري لاءِ پاڪستان ۽ چين کان مدد گهري ورتي، احمد مسعود سميت اتر اتحاد جي اهم اڳواڻن طالبان جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغان نبيري لاءِ پاڪستان ۽ چين کان مدد گهري ورتي آهي، جڏهن ته حزب اسلامي  جي سربراهه گلبدين حڪمت يار، اڳوڻي صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني، طالبان سان ويڙهه لاءِ آمريڪا کان مدد گهرندڙ احمد مسعود سميت اتر اتحاد جي اهم اڳواڻن پڻ طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ واشنگٽن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغانستان ۾ سياسي مفاهمت ۽ لاڳاپيل ڌرين جي سرچاءُ لاءِ پاڪستان ۽ چين اسان جي مدد ڪن، آمريڪا چاهي ٿو ته سمورا پاڙيسري ملڪ افغنستان کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته بائيڊن انتظاميه امن لاءِ افغانستان جي سڀني پاڙيسرين سان رابطي ۾ آهي ۽ اسان خاص طور پاڪستان ۽ چين سامهون اها ڳالهه رکي آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، سلامتي ۽ سياسي سرچاءُ لاءِ  اسان جي مدد ڪن، اهو سڀني جي مفاد ۾ آهي. ڀلي پاڪستان هجي يا چين يا وري اهڙو ڪو ملڪ، جنهن جو افغانستان ۾ ڪو ڪردار نه رهيو آهي پر اسان انهن سڀني سان تعميري گفتگو جاري رکي آهي، توڙي جو جڏهن چين جي ڳالهه ايندي آهي ته ظاهر آ اسان جا مفاد تمام گهٽ هوندا آهن. ٻي پاسي برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ضروري ٿيو ته طالبان سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. ان کان اڳ پارليامينٽ ۾ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته طالبان جي ڳالهين کي نه پر انهن جي عمل کي ڏسنداسين ۽ ان کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪنداسين. جڏهن ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان  جي حڪمراني هڪ حقيقت آهي ۽ ان کي سامهون رکڻ جي گهرج آهي. افغانستان سان سٺا لاڳاپا رکڻ اهم آهي.  بي پاسي چين چيو آهي ته افغانستان جي مهاجرن جي مسئلي جو اهم حل اتي گهرو ويڙهه نه ٿيڻ ئي آهي. عالمي برادري سمورن افغان ڌڙن کي متحد ڪرڻ کي ترجيح ڏي. هوڏانهن حزب اسلامي  جي سربراهه گلبدين حڪمت يار، اڳوڻي صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني، احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود سميت اتر اتحاد جي اهم اڳواڻن پڻ طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  حزب اسلامي جي اڳواڻ گلبدين حڪمت يار  ۽ اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني سميت اهم اڳواڻن ڪابل ۾ پهچي جلال الدين حقاني جي ڀاءُ خليل الرحمان حقاني سان ملاقات ڪري طالبان جي حمايت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته  احمد مسعود کيس فون ڪري  طالبان جي حمايت جو اعلان ڪيو. احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود طرفان طالبان جي حمايت کان پوءِ  پنجشير ۾ ويڙهه جو خطرو ختم ٿي ويو آهي،  ڇو ته هن کان اڳ احمد مسعود طالبان سان ويڙهه ڪرڻ جو اعلان ڪندي آمريڪا کان مدد پڻ گهري هئي. جڏهن ته هاڻي احمد مسود چيو آهي ته منهنجو طالبان سان وڙهڻ جو ڪو ارادو نه آهي، رڳو اڳوڻي نائب صدر امرالله صالح ويڙهه ڪرڻ گهري ٿي ان کي به چئي ڇڏيو اٿئون ته ماٺ ڪري گهر ويهي رهه يا ڪيڏانهن هليو وڃ. اهڙي ريت طالبان جي حمايت ڪندڙ ۽ اڳوڻي صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني چيو آهي ته طالبان امن قائم ڪرڻ ۽ حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اسين انهن جي مدد ڪنداسين، منهنجو ڀاءُ اڳوڻو صدر اشرف غني ڪرپشن ۾ ملوث نه هو ۽ ملڪ جو ناڻو به نه کڻي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو