129

ڪراچي سدائين دهشتگردن جي نشاني تي رهيو آهي، دشمنن جا ارادا خاڪ ۾ ملائينداسين: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز ۽ صنعتي انجڻ ھئڻ ڪري سدائين دھشت گردن جي نشاني تي رھيو آھي پر اسانجي سياسي عزم، عوام جي سھڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جذبي دشمنن جي خراب ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آھي. اھا ڳالھھ ھن ڇنڇر ڏھاڙي شيرپائو ڪالوني ۾ مواڇ ڳوٺ سانحي جنھن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 13 ڄڻن فوت ۽ 8 زخمي ٿيا، فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي. سندس گڏ صوبائي وزير ساجد جوکيو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، ايم اين اي آغا رفيع اللھ، ايم پي اي راجا رزاق ۽ ٻيا پڻ ھئا. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڪراچي اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ۽ قومي معيشت ۾ ڪرنگھي جي حيثيت رکڻ سبب سدائين ملڪ دشمنن جي نشاني تي رھيو آھي. ھن چيو تھ اوڀر ۽ اولھھ وارين سرحدن تي اسان مسئلن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، تنھن ڪري اھڙي قسم جو مواڇ ڳوٺ وارو واقعو پيش آيو. وڏي وزير افغان صورتحال ۽ ڀارتي بدامني کي مدنظر رکندي ايپڪس ڪميٽي واري اجلاس جي صدارت ڪئي تھ جيئن امڪاني خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگھجي. ھن چيو تھ اجلاس ۾ اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ھدايتون ڏنيون ھيون ۽ انھن کي دھشتگردن ۽ ڊرگ مافيا خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ مصروف رکيو. سيد مراد علي شاھھ مواڇ موڙ واقعي کي عورتن ۽ ٻارن خلاف بزدلاڻو حملو قرار ڏنو، اڃا تائين ڪنھن پابندي مڙھيل تنظيم يا ٻين ان جي ذميواري قبول نھ ڪئي آھي. ھن چيو تھ واقعي جي ذميوارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھن چيو تھ اسان جي پوليس ۽ ٻيون ايجنسيون دھشت گردن جي ٺڪاڻن جو تعاقب ڪري رھيا آھن ۽ انشاءَ اللھ جلد ئي سندن خاتمو ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو تھ ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال اطمينان بخش آھي، ھن عاشورن جي پرامن ٿيڻ تي پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي واکاڻ ڪئي. سيد مراد علي شاھھ مواڇ ڳوٺ دھشت گردي واقعي جي متاثرن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير گھنور لغاريءَ کي 14.11 ملين رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو تھ جيئن ھر ھڪ فوت ٿيل جي وارثن کي 10 لک رپيا ۽ ھر ھڪ زخميءَ کي 200000 رپين جا چيڪ جاري ڪيا وڃن. ھن وڌيڪ چيو تھ 10 لک رپين جي رقم زندگي جو معاوضو نھ آھي پر زندگي انمول آھي، اھو معاوضو رڳو سوڳوار خاندان جي مالي مدد آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ مواڇ ڳوٺ واقعي جي متاثرن جي عيادت ڪرڻ کانپوءِ ابراھيم حيدري پھتو جتي پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاھھ جي گھروارن سان عذرخواھي ڪئي، جيڪو ٽي ڏينھن پھرين لاڏاڻو ڪري ويو. وڏي وزير چيو تھ محمد علي شاھھ ماھيگيرن جي حقن جي جدوجھد ڪئي. وڏي وزير چيو تھ محمد علي شاھھ ماھيگيرن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ پنھنجي برادريءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو