117

افغان شهري نه ڊڄن، ملڪ ڇڏي ڪيڏانهن نه وڃن، سڀني کي معاف ڪيوسين: طالبان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾حڪومتي نظام ۽ حڪومت ٺاهڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو، افغان شهري نه ڊڄن، ملڪ ڇڏي ڪيڏانهن نه وڃن، سڀني کي معاف ڪري چڪا آهيون، ڪنهن سان به ڪو پلاند نه ڪيو ويندو. طالبان جي هڪ اڳواڻ خبرن واري ايجنسي روئٽرز سان ڳالهائيندي چيوته قانوني، مذهبي ۽ پرڏيهي معاملن جي ماهرن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ئي هفتن ۾ حڪومت جي طرز ۽ حڪومت ٺاهڻ جا معاملا نبيرجي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه هنڌن تان طالبان ويڙهاڪن طرفان ماڻهن سان خراب رويي جا اطلاع مليا آهن جن جي جانچ ڪرايون پيا، طالبان جو ڪو ويڙهاڪ يا ڪمانڊر ڪنهن کان پلاند وٺڻ ۾ ملوث نڪرندو ته ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين. ٻي پاسي طالبان اڳواڻ خليل الرحمان حقاني هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪي افغان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪن پيا اهي ٻاهر نه وڃن پر پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهي ان جي خدمت ڪن.دشمن اوهان کي اسان کان ڊيڄاري پيو ته ڪو اسين توهان کي سزائون ڏينداسين، پر توهان اسان کان نه ڊڄو. افغان شهري نه ڊڄن، ملڪ ڇڏي ڪيڏانهن نه وڃن، اسان سڀني کي معاف ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  اشرف غني، امرالله صالح ۽ حمدالله محب سان دين جي بنياد تي دشمني هئي پر هاڻي انهن سميت سڀني لاءِ اسان جي طرفان عام معافي آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪو وڏو جنرل هجي يا ڪو ننڍو ماڻهوهجي،  هاڻي اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي. آمريڪا سان دشمني ۾ نه پهرين اڳرائي ڪئي ۽ نه وري هاڻي پيا ڪريون، آمريڪا سان اسان جي ته ڪا دشمني نه هئي پر ان آمريڪا اسان جي ئي ڌرتيءَ تي اسان جي خلاف هٿيار استعمال ڪيا.  اسان جي مذهب، ملڪ ۽ ثقافت سان زيادتي ڪئي ته مجبور ٿي هٿيار کنياسين. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو