اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ احسن اقبال جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، عبدالغفور حيدري، حافظ حميد الله، سڪندر شير پائو سميت 8 جماعتن جا عهديدار شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ملڪي سياسي، اندرين ۽ معاشي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته حڪومت مخالف جلسن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، اسٽرينگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ جلسن ۽ مظاهرن جي تاريخ جو فيصلو ڪيو ويندو، حتمي منظوري 28 آگسٽ تي ڏني ويندي، ٻئي طرف شاهد خاقان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم چاهي ٿي ته ملڪي معاملا آئين تحت هلايا وڃن، ووٽنگ مشين اليڪشن چوري جو سهارو آهي. حڪومت چونڊ سڌارن جو مقصد ووٽ چوري کي سهولت ڏيڻ آهي.
