120

ايف بي آر پاران شاپنگ تي جي ايس ٽي انوائيس ٽيڪس لاڳو، رسيد تي هڪ رپيو ڏيڻو پوندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر پاران شاپنگ تي جي ايس ٽي انوائيس ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، رسيد تي هڪ رپيو ڏيڻو پوندو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ريٽيلرز صارفين کان شاپنگ تي جي ايس ٽي جي مد ۾ هڪ رپيو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪندا، ريٽيلرز پي او ايس سروس فيس جي مد ۾ اضافي ٽيڪس وٺڻ جا مجاز هوندا، معلومات ايف بي آر سسٽم ۾ اپ ڊيٽ ٿيندي، صارفين کي ڏني ويندڙ رسيد جي ڪاپي ۽ ٽيڪس ماهوار جي بنياد تي ايف بي آر وٽ جمع ڪرايو ويندو، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته  ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ ايف بي آر هيڊ آف اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ جلد ٺاهيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو