ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تيزاب سان حملي جا 2 واقعا، ناري ۽ نوجوان سڙي زخمي ٿي پيا، رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ۾ ٻيهر شادي کان انڪار تي عورت اڳوڻي مڙس مٿان تيزاب هاري ڇڏيو، زخمي عثمان کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، عثمان جي وارثن جو چوڻ آهي ته شبانه ٻن ڇوڪرن ذريعي اڳوڻي مڙس کي هوٽل تي گهرايو، جنهن بعد مٿس تيزاب هاري ڇڏيو. عورت پاڻ به تيزاب لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، عثمان 9 مهينا اڳ شبانه کي طلاق ڏني هئي، شبانه مٿس ٻيهر شادي لاءِ زور ڀري رهي هئي، انڪار تي اڳوڻي مڙس مٿان تيزاب هاري ڇڏيو، واقعي کان فوري پوءِ جوابدار شبانه ٿاڻي تي پهتي ۽ مڙس تي تيزاب هارڻ جو الزام هنيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت شبانه مڙس تي تيزاب هاري سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي سازش ڪئي هئي. هوڏانهن بلديا ٽائون سعيدآباد نمبر 9 ۾ ذيشان عرف شاني پنهنجي اڳوڻي زال رمشا تي تيزاب هاري ڇڏيو، جنهن ۾ عورت جو منهن ۽ جسم جا مختلف حصا متاثر ٿيا آهن، متاثر ناريءَ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ناريءَ جي والد جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءَ رمشا جو 39 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، والد موجب رمشا ذيشان سان تقريبن 2 سال اڳ ڪورٽ ميريج ڪئي هئي، هڪ سال اڳ کيس طلاق ڏني هئي، هوءَ پنهنجي والدين جي گهر ۾ رهندي هئي، رمشا آفيس وڃي رهي هئي ته مٿس تيزاب سان حملو ڪيو ويو.
107