100

پاڪستان سيڪيورٽي لاءِ اثرائتا عملي قدم کڻي، حملو ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي: چين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين گوادر حملي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چين جي پرڏيهي کاتي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي تعاون جو طريقو اپ گريڊ ڪيو وڃي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته اڳتي اهڙا واقعا پيش نه اچن، حملي ۾ زخمي ٿيلن کي مڪمل طبي امداد ڏني وڃي، آپگهاتي حملو ڪندڙن جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن کي سزا ڏني وڃي،  پاڪستان ۾ هر سطح جي لاڳاپيل کاتن کي حفاظتي قدمن ۽ سيڪيورٽي تعاون جي طريقيڪار کي بهتر ڪرڻو پوندو،  چين پنهنجي سمورن شهرين کي الرٽ رهڻ، حفاظتي احتياطي تدبيرون وڌيڪ سخت ڪرڻ ۽ غير ضروري طور تي ٻاهر نه نڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو