ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ 19 سالن جي ڇوڪريءَ تي تيزاب هارڻ واري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ايڊيشنل آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر سنڌ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. گورنر صحت کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته متاثر ڇوڪريءَ کي فوري طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
