ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ماري پيٽروليم ڪمپني لميٽڊ (ايم پي سي ايل) پاران پيٽروليم بونس جي مد ۾ 3.123 بلين رپيا ڏنا ويندا جيڪي گھوٽڪي ضلعي جي مقامي سطح تي ترقي، سماجي ڀلائيءَ وارين ذميوارين تي خرچ ڪيا ويندا. اھا ڳالھھ ھن ايم پي سي ايل جي سي اي او فھيم حيدر سان ڳالھائيندي ڪئي جنھن ڪالهه وزيراعليٰ ھائوس ۾ سندس ملاقات ڪئي ۽ 3.123 ارب رپين جو چيڪ ڏنو. سي اي او چيو تھ 2012ع واري پيٽروليم پاليسيءَ تحت 2601 ملين رپيا پروڊيڪشن ۽ 522 ملين رپيا سوشل ويلفيئر واجبات طور ڏئي رھيا آھيون. وڏي وزير چيو تھ اھي علائقا جتان پيٽرول ڪڍيو پيو وڃي ان کي صحيح ريت تيار ڪرڻ گھرجي. ھن وڌيڪ چيو تھ اھا ڪمپني جي انتھائي ذميواري بڻجي ٿي تھ اھي مقامي ماڻھن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪري ۽ علائقي جو انفرااسٽريڪچر تيار ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) تحت ايم پي سي ايل ماري ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ موبائل ڊسپينسرين ذريعي صحت جون خدمتون فراھم ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ مون کي خوشي ٿي تھ ڪمپني خاص ٻارن جو اسڪول پڻ ھلائي رھي آھي. ھن ڪمپنيءَ تي زور ڀريو تھ اھي روزگار لاءَ مقامي ماڻھن کي ترجيح ڏين. سي اي او وڏي وزير کي فيلڊ جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا ھن قبول ڪئي.
