ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر قندهار ۾ هر هنڌ تي طالبان چيڪ پوسٽون قائم ڪري ڇڏيون، صحافين لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن، رپورٽ موجب طالبان جي ڳڙهه واري علائقي قندهار تي قبضي کي هڪ هفتو مڪمل ٿي ويو آهي، غير يقيني واري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر هنڌ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته طالبان صحافين کي پنهنجي سيڪيورٽي پاڻ يقيني بڻائڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي.
