ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بختاور ڀٽو چيو ته عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا تي پابندي هنئي وڃي، اهو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ معاملو آهي ته پوليس تماشو ڏسندي رهي، هن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪارن سڄو منظر ڏسڻ جي باوجود مدد کان انڪار ڪيو، هجو کي منتشر ڪرڻ لاءِ هٿيارن جو استعمال ڪري سگهجي پيو. بختاور ڀٽو هڪ عورت صحافي سان پيش آيل واقعي بابت ٻڌايو ته ڪيترا سال اڳ آزادي واري ڏهاڙي تي قائداعظم جي مزار تي عورت صحافي سبين آغا پنهنجي فرض سرانجام ڏئي رهي هئي ته اتي موجود 100 مردن ساڻس ناروا سلوڪ ڪيو، هن ٻڌايو ته مان ڪا يوٽيوبر يا ٽڪ ٽاڪر نه هيس، پوءِ به مون سان اهڙو واقعو پيش آيو، مان ڊڄندي اتي موجود پوليس اهلڪار سان مدد گهري ته انهن چيو ته اسان رڳو 4 پوليس اهلڪار آهيون، اهي 140 مرد آهن، اسان انهن کي ڪيئن روڪي سگهون ٿا؟، هن چيو ته اهڙا واقعا تڪليف ڏيندڙ آهن، سڀ کان وڌيڪ تڪليف ان تي ٿئي ٿي ته پوليس سڄو منظر ڏسڻ باوجود مدد کان انڪار ڪيو.
