173

تبديلي جي دعويدار حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو: سراج الحق

ڪراچي/ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته تبديلي جي دعويدار حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، ٽنڊو الهيار ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ هر هنڌ انگريزن جو قانون هلي رهيو آهي،جيڪو  تبديل نه ڪيو ويو آهي، ظلم جي نظام کي تبديل نه ٿا ڪري سگهو، ته ٻي ڪهڙي تبديلي آڻيندا، ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ مسئلن جو حل اسلامي نظام ۾ آهي، جيڪڏهن توهان کي ڪرپشن فري پاڪستان گهرجي، روزگار، امن، خوشحالي، نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ۽ انصاف گهرجي ته پوءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏيو. جلسي کي مرڪزي نائب امير اسد الله ڀٽو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، حافظ نصر الله چنا، ممتاز سهتو، ديدار حسين بهراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو