121

شهرين جي ڏاڙهي هجي يا نه هجي، ڪو به اعتراض ناهي: طالبان انچارج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طالبان جي مقامي سيڪيورٽي انچارج ملا جمعه چيوآهي ته شهرين تي ڏاڙهي جي پابندي جي حوالي سان قيادت جي طرف کان ڪو به حڪم ناهي مليو. قنڌار ۾ پاڪستان جي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيڪيورٽي انچارج ملا جمع چيو ته چيڪنگ جي دوران شهرين کان مهذب انداز ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين انتظاميه شهرين لاءِ قائدا ۽ ضابطا جاري ناهن ڪيا. هن چيو آهي ته تفريحي ماڳن ۾ ماڻهن کي معمول موجب اچڻ جي اجازت آهي، امن امان ۾ خلل وجهڻ ۽ ڏوهاري ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته ٻين علائقن جي هٿياربند طالبان جي غير ضروري گهمڻ تي پابندي آهي ۽ ٻين علائقن جي طالبان جي چيڪنگ ۽ سندون ڏٺيون وڃن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو