ليکڪ: انيل ڪمار مڪواڻا
دنيا جو هر مذهب انسانيت، پيار ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، ريتون رسمون، پيار ۽ محبت ان جي عڪاسي ڪن ٿيون، پر ماڻهو انهن پيار ۽ محبتن سان ڀريل ريتن رسمن کي غلط رنگ ڏئي نفرتون ۽ انتشار ڦهلائين ٿا. اڄ هندو ڌرم طرفان ملهايو ويندڙ رکشا ٻنڌن جو ڏڻ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي پيار ۽ محبت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، اڄ جي هن نفرتن ڀريل معاشري ۾ جتي نياڻين جي کلڻ ۽ روئڻ تي پابندي هجي، گهمڻ ڦرڻ تي پابندي هجي، جتي نياڻين کي ڪاري ڪري جيئري ماريو وڃي، اهڙي معاشري ۾ هندو ڌرم طرفان ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي محبت ڏڻ ملهائڻ ڀيڻ جي هرحال ۾ حفاظت ڪرڻ جو وچن مذهبي ڏڻ سان گڏوگڏ هن معاشري لاءِ هڪ وڏي اهميت ڀريو پيغام آهي. محبت ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ ڪنهن سان به ٿي سگهي، ماءُ سان، ٻچن سان يا ڌرتي سان به ٿي سگهي ٿي، پر جيتري سچي محبت ڀاءُ ڀيڻ جي هوندي شايد ٻين رشتن ۾ ايتري مٺاس يا پيار نه هجي. دنيا ۾ رکشا ٻنڌن جو ڏهاڙو صرف راکي ٻڌڻ جو ڏهاڙو ناهي ملهايو ويندو پر هڪ پويتر رشتي جو مانُ ۽ محبت جي احترام سان گڏ نفرتن ۽ انتشار کي مات ڏيڻ جي سڃاڻپ طور به ملهايو ويندو آهي. هي ڏهاڙو ان لاءِ به ملهائڻ ضروري آهي ته رشتا صرف نالن تائين محدود ناهن رهندا پر انهن جي سڃاڻپ، انهن جو مان، انهن جي مرتبي جو احساس به ڏياريو ويندو آهي، اهو انتهائي ضروري آهي ته زندا انسان رشتن جي اهميت کان واقف نه هجي ته ان کي پرکڻ ۽ نڀائڻ ئي لاءِ اصل رشتا ۽ انهن جا ڏينهن ملهايا ويندا آهن، ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو هڪ عظيم ۽ پاڪ رشتو تصور ڪيو ويندو آهي، سناتن ڌرم ۾ هن رشتي جي اهميت ڪجهه هن طريقي سان به ڪئي ويندي آهي ته جيڪا ڀيڻ ڀاءُ کي ساڄي هٿ ۾ راکي ٻڌائيندي آهي اهو هٿ صرف ان جي نه پر هر ان ڀيڻ جي سنڀال ۽ حفاظت جو وچن هوندو آهي، اهو احساس هوندو آهي، جنهن جو قرض ڀاءُ کي ان جي حفاظت جي بدلي ۾ لاهڻو هوندو آهي، پوءِ اها ڀيڻ لازمي ناهي سڳي ڀيڻ هجي، ڀاءُ کي اهو احساس ڏياريو ويندو آهي ته جنهن حب ۽ محبت سان هي ٻڌي رهي آهيان ان جو مان به رکجان، ڇو ته هن راکي جي خوشبوءِ جو ذائقو چکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي، محبت جو هي پاڪ دامن رشتو ايترو ته مضبوط ۽ اٽوٽ هوندو آهي ڄڻ سنڌو درياءُ جون من موهيندڙ ڇوليون جيئن درياءُ کان ڌار ٿي نه ٿيون سگهن، ائين ئي هي ناپاڪ به نٿو ٿي سگهي. هي هڪ نم جي وڻ هيٺ هڪ ٿڌڙو ڇانءُ آهي، ائين ئي موتين سان ڀريل مالا به آهي. هي رشتو مور پکي جيان هڪ پاڪ رشتو آهي. هن رشتي کي وڻ جي ڪنهن ٻُور جي خوشبوءِ جي ناتي جيان سمجهيو ويندو آهي. هن رشتي جي مهڪ ته گلاب جي گلن جيان هوندي آهي. رکشا ٻنڌن جي ڏينهن جو مزو ڪجهه الڳ ئي هوندو آهي، هرڪو ڀاءُ پيو چاهيندو آهي ته ڀيڻ جي گهر وڃان راکي ٻڌي اچان ڀيڻ جي هٿن جي ٺاهيل ماني کائي اچان، ان جي دل مان اها دعا نڪري ته ڀاءُ شل سکيو ۽ ستابو رهي ۽ ڀيڻ ان انتظار ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن ٿو منهنجو ڀاءُ اچي ته ان کي راکي جي واس ڏيان ۽ اها ڀيڻ ڀاءُ کي چوڏهين جي چنڊ کان گهٽ ناهي سمجهندي، هي ماکي کان به مٺڙو هوندو آهي. هي محبتن ڀريو نيڪ رشتو هڪ انمول تحفو آهي، راکي ايتري پيار ۽ محبت سان خريد ڪيل هوندي آهي جو ان کي ڪنهن ندي جي پاڪ پاڻي سان نه پر راکي جي مالا سان ائين ڳنڍيو ويندو آهي ڄڻ ڪنول جو گل جو ديدار ٿيو هجي، اڄوڪي ڏينهن تي سمورا هندو ڀائر رکشا ٻنڌن جو ڏينهن ملائي پنهنجي ڀينرن کان راکي ٻڌرائي اهو وچن ڪندا آهن ته اسين جتي به هجون اوهان جي رکشا ڪنداسين.