ليکڪ: آصف شاهد
حصو ٻيو
حامد ڪرزئي چيو آهي ته طالبان ملڪ تي ڪنٽرول ڪري ويا آهن، دعا آهي ته انهن جو ڪنٽرول مضبوط ٿئي ۽ ملڪ لاءِ فائديمند ٿئي ڪرزئي جا اهي لفظ طالبان سان سندس ڳجهي ٺاهه جي نشاندهي ڪن ٿا. طالبان طرفان حڪومتي ڍانچي جو اعلان قانوني جواز ملڻ کانپوءِ ممڪن هوندو، ان قانوني جواز جا رستا ڪهڙا هوندا؟ ان حوالي سان ڪا به خبر ته ناهي پر 3 امڪان موجود آهن. پهريون امن ڪائونسل جو مينڊيٽ استعمال ڪيو ويندو ۽ طالبان سان امن ٺاهه تي عبدالله عبدالله ۽ ان جي ڪائونسل صحيحون ڪندي، ٻيو افغانستان ۾ آئين ڪهڙو به هجي سڀ کان سپريم ادارو لويا جرڳو آهي ۽ لويا جرڳو گهرائي طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪري سگهجي ٿو. ٽيون ۽ لڪل امڪان اهو آهي ته افغان پارليامينٽ ڪنهن اهم منصوبي ۽ اقتدار جي منتقلي کي سند فراهم ڪري ڇڏي، قانوني جواز ملڻ کانپوءِ طالبان به حڪومتي ڍانچو ٺاهڻ ۾ هڪ ڪنا هوندا ۽ اقتدار ۾ ڀائيواريءَ جي انفرادي ٺاهن تي عمل ڪندي ٻين ڌرين کي نمائندي ڏني ويندي ۽ اهو چئي سگهبو ته نئين حڪومت جامع ۽ نمائندا افغان حڪومت آهي، حامد ڪرزئي، عبدالله عبدالله ۽ ٻيا سياستدان طالبان جي حڪومت کي اندروني طور جواز فراهم ڪرڻ سان گڏ عالمي برادري کي راضي ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان سوال جو جواب فوري طور تي ايندڙ ردعمل مان لڳائڻو پوندو.
آمريڪا ۽ يورپي ملڪ: آمريڪا طرفان سخت رعمل جو امڪان هو پر آمريڪي پرڏيهي وزارت جي نائب ترجمان طالبان حڪومت کي مشروط طور تي تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏنو ۽ چيو ته آمريڪا طالبان جي حڪومت کي صرف ان صورت ۾ تسليم ڪندي جڏهن اهي عورتن جي حقن جو احترام ڪندا ۽ دهشتگردي کان پاسو ڪندا. آمريڪا جي ان ردعمل کان اڳ برطانوي پرڏيهي وزير چيو هو ته برطانيا طالبان کي جوابده بڻائڻ لاءِ پابندين سميت موجود ذريعا عمل ۾ آڻيندو، آمريڪي صدر طرفان طالبان کي لتاڙڻ بدران افغان سياستدانن تي آڱر کڻڻ ۽ پرڏيهي وزارت جي نائب ترجمان جو بيان ٻڌائي ٿو ته آمريڪي قيادت تسليم ڪرڻ واري برطانيا به واشنگٽن جي ها ۾ ها ملائيندو. صدر ميڪرو طالبان حڪومت تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته جرمني به خدشن جو شڪار آهي پر واشنگٽن واري پاليسي سان قدم ملائڻ انهن لاءِ اهم آهي. آمريڪا ۽ يورپ جو ردعمل اهم آهي، پر نئين افغان حڪومت لاءِ اهو اهم هوندو ته خطي جا ملڪ ڇا سوچين ٿا ۽ ڇا ڪندا؟ پاڪستان جو موقف قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ اچي چڪو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ سمورن نسلي گروهن جي جي نمائندگي تي ٻڌل سياسي حل جو حامي آهي، پاڪستان جو موقف ٻڌائي ٿو ته طالبان ۽ 3 رڪني ڪائونسل واري منصوبي تي اسلام آباد کي ڪو اعتراض نه آهي، شايد اسلام آباد انهن ڳالهين ۾ مددگار جي حيثيت به رکندو هو، ڇو ته پاڪستان مسئلي جي سمورين ڌرين سان رابطي ۾ هو ۽ اسلام آباد ۾ ان حوالي سان ڪيترا ئي اهم اڳواڻ ملاقاتون به ڪندا رهيا آهن.
چين، ايران ۽ روس: چين، روس ۽ ايران لاءِ افغانستان ۾ طالبان جو ٻيهر اڀرڻ وڏو مسئلو ٿي سگهيو ٿي پر انهن ٽنهي ملڪن پيش بندي ڪري ڇڏي هئي، ايران ۽ روس ماضي جي ابتڙ پاليسي اختيار ڪئي هئي، ماضي ۾ هي ٻئي ملڪ طالبان مخالف قوت اتر اتحاد کي مدد ڏيندا رهيا آهن، پر هن ڀيري انهن ٻنهي ملڪن ڊگهي مدي کان طالبان سان رابطا ٺاهي ورتا هئا، افغان طالبان جو ٻيو امير ملا اختر منصور ايران مان واپسي تي آمريڪي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو هو ۽ دنيا کي ايران طالبان رابطن جي ڄاڻ پئي هئي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ويب سائيٽ مطابق هن هٽايل پرڏيهي وزير جواد ظريف سان ملاقات ۾ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي نيڪالي ۽ شڪست سان ملڪ ۾ پائيدار امن جو موقعو پيدا ٿيو آهي، افغان شهرين جي سلامتي، استحڪام ۽ ڀلائي وارن حقن جو تحفظ ٿيڻ گهرجي، ايران استحڪام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، اها افغانستان جي سڀ کان پهرين ضرورت آهي، پاڙيسري جي حيثيت سان هو تمام گروهن کان مطالبو ڪري ٿو ته قومي اتفاق پيدا ڪن. روس به طالبان کي تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، روس جي خاص نمائندي ضمير ڪابلوف چيو آهي ته طالبان سان وچ ايشيا کي ڪو خطرو ناهي ۽ ان جون ڪي شاهديون به نه آهن، روس طالبان سان اڳواٽ ئي لاڳاپا ٺاهي ورتا آهن ۽ طالبان سان روس جا ڊگهي مدي کان رابطا آهن، اسان افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جي امڪانن تي طالبان قيادت سان وقت کان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ۽ طالبان خاطري ڏني هئي ته انهن جا افغانستان کان ٻاهر ڪي به منصوبا نه آهن، انهن 2000ع وارن تجربن مان سکيو آهي. هن چيو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان پرسڪون ٿي وڃون ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ عالمي دهشتگرد افغانستان ۾ جاءِ ٺاهين ۽ هو وچ ايشيا ۾ اسان جي اتحادين لاءِ خطرو ٿين.چين به طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين افغان عوام جي چونڊ جو احترام ڪندو، طالبان واعدو ڪيو آهي ته هو هڪ اهڙي اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندا جيڪا سڀني جي ترجمان هجي، افغان عوام ۽ غير ملڪي مشنز جي حفاظت کي يقيني بڻائي، موجوده حالتن ۾ سمورا اهم ملڪ طالبان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تسليم ڪرڻ تي راضي نظر اچن ٿا، انهن حالتن ۾ چين، پاڪستان ۽ ڀارت کي افغانستان جي حوالي سان وڌيڪ دلچسپي ۽ ڳڻتي آهي، جنهن جي نوعيت ڌار ڌار آهي، ٽنهي ملڪن طالبان کي مستقبل ۾ افغانستان جي سياسي حقيقت طور سڃاڻي ورتو هو ۽ طالبان قيادت سان رابطا به ڪري ورتا هئا. افغان طالبان جي ڪابل تي قبضي کي پاڪستان ۾ ڀارت جي اسٽريٽجڪ شڪست جي طور تي ڏٺو پيو وڃي پر ان سان گڏ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ۽ ٻين انتهاپسند گروپن جو حوصلو وڌڻ تي ڳڻتي به موجود آهي. ڀارت کي طالبان جي فتح کانپوءِ ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ وڌڻ جا خطرا لاحق ٿي ويا آهن ۽ افغانستان جي ڪونسل خانن ۽ اشرف غني انتظاميا جي مدد سان هو پاڪستان لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ڪري رهيو هو، اهي رستا بند ٿي ويا آهن، گڏوگڏ ڪابل ۾ ڀارت جا سمورا دوست به ڀڄي ويا آهن. خطي جي سياست افغانستان ۾ تبديلين سان تبديل ٿي رهي آهي.آمريڪا جو اتحادي ڀارت واشنگٽن جي نڪرڻ سان ئي ڪابل ۾ غير متعلق ٿي چڪو آهي، روس جيڪو 3 ڏهاڪا اڳ آمون درياهه جي پار واپس وڃڻ تي مجبور ٿيو هو، ان آمريڪي اتحادين کي ڀڄي ازبڪستان ۾ پناهه
وٺندي ڏٺو ۽ بدلي جي باهه ٿڌي ٿي وئي، بدلي جي باهه ان ڪري جو ماسڪو طالبان کي آمريڪي فوجين جي قتل تي انعام ڏيندو رهيو ۽ آمريڪي ميڊيا دانهون ڪندي رهي، چين جيڪو آمريڪي فوجي موجودگي سبب ڏکارو هو ان جي روانگي سان خوش آهي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جو انچارج بڻجڻ لاءِ بي تاب ويٺو آهي، ان سان گڏوگڏ افغانستان کي سنڪيانگ ۾ سرگرم گروپن جي آماجگاهه بڻجڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايران به آمريڪا جي نڪرڻ کي شڪست سان تعبير ڪري خوشي ملهائي رهيو آهي ۽ خطي ۾ افغان مسئلي تي ڀارت اڪيلو نظر اچي ٿو. ان سڀ جي باوجود اهو طئه آهي ته افغان طالبان جي اقتدار جي ڪا به صورت هجي في الحال ان کي تسليم ڪرڻ تي سڀ مجبور نظر اچن ٿا.