109

سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ڪيستائين رهندي؟

ليکڪ: رياض ابڙو

ورلڊ بئنڪ جي ڊيٽا مطابق پاڪستان دنيا جو 36 هون اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست تان هر سال قومي سطح تي جهيڙا ٿيندا رهن ٿا، هي ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته جتي ٻيون شيون آبادي جي لوڊ جي ڪري وڌائي سگهجن ٿيون مثال طور زرعي فصلن جي پيداوار جي لاءِ هائبرڊ ٻج، ڀاڻ، پيسٽيسائيڊس، مشيني هر، ٿريشر، ٽريڪٽر، لابارن ۽ پوکيءَ جون مشينون ۽ ٻيون زرعي سهولتون ڏئي اپت ٻيڻي ڪري سگهجي ٿي، اهڙي ٽيڪنالاجي سان وقت به بچي ٿو ۽ ڪم به آسان ٿئي ٿو اپت به گهڻي ٿئي ٿي، پر هتي سوال اهو آهي ته پاڻي ڪيئن وڌائجي؟ ۽ ان لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺجن؟ اهو سوال ڳنڀير ضرور آهي پر ان جو واحد حل اهو آهي ته ايڪو سسٽم بحال ڪجي ۽ بچائجي جنهن سان پاڻي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي ۽ ان لاءِ وري درياهه جي هيٺين حصي ۾ پاڻي ڇڏڻ ضروري آهي ڇو ته ان پاڻي سان وڻ، ٻوٽا، جهنگ جر ۽ ٻيلا وڌندا، گرمي جو پد ڪنٽرول ڪري سگهبو، جي اهو پاڻي صحيح طريقي سان سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪرائبو ته سنمڊ جي کاراڻ کي ڪنٽرول ڪري سگهبو، اتي جي جيوت کي بچائي سگهبو، ان ڪري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ئي برساتن جي انداز کي بچائڻ، وڌائڻ ۽ ايڪو سسٽم کي بحال ڪرڻ جو واحد حل آهي، پر اها ڳالهه پنجاب جي مافيا کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، هو ته هر سال پاڻي روڪي اسان جي طئي ڪيل شرح کان به گهٽ پاڻي ٿو ڇڏي، جيڪو گهٽجي 48 سيڪڙو لاٿ تي وڃي بيٺو آهي، جنهن جي ڪري هزارين هيڪٽر زمين غيرآباد ٿيندي ٿي وڃي، جنهن سان اسان وٽ زرعي سڪيٽر تباهه ٿيندو ٿو وڃي، ماڻهن ۾ خوشحالي ختم ٿي وئي آهي بدحالي ڪرُ کڻي بيٺي آهي، اناج جي کوٽ، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي وڌي رهي آهي، آمريڪا، جرمني، چين ۽ فرانس جن هائيڊل بجلي ٺاهڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا هئا، انهن اهي ڊيم ئي ڊاهي ڇڏيا ڇو ته سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سان انهن جو ايڪو سسٽم تباهه ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته انهن بجلي ٺاهڻ جا ذريعا ۽ طريقا نوان ڳولهي لڌا، پر اسان وٽ ڳڻتي اها به آهي ته ڊيم رڳو اهڙن هنڌن تي ٺاهجن ٿا جتي مٿانهين جاءِ يا پهاڙي هجي، جتي پاڻي جمع ڪري وري انهيءَ مٿانهين تان ڪيرائجي ته جيئن هائيڊل بجلي ٺاهي سگهجي، پر اها ته وڏي پراڻي ٽيڪنڪ آهي، هاڻي دنيا کي رڳو اها ڳڻتي آهي ته پاڻي جا ذخيرا ۽ پاڻي جي ورڇ ڪيئن ڪجي ۽ پاڻي ڪيئن استعمال ڪجي، اسان وٽ ڊيم رڳو ان ڪري به ٺاهيا ويا هئا جو وقت تي پاڻي چوري ڪري سگهجي ۽ بي حساب پاڻي هيٺين صوبن کي وهائي نه ڏجي، پر اها به حقيقت آهي ته بجلي ته ٻين ذريعن سان به پيدا ڪري سگهجي ٿي، معنيٰ سولر پينل ذريعي، پيٽرول، گئس ۽ ڊيزل جي وسيلي، هوا ۽ سامونڊي لهرن جي ذريعي، ڪچري کي ساڙي ۽ مال جي ڇيڻن کي ساڙي به بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته بجلي ٺاهڻ يا اهڙن ڊائنامورز ۽ موٽرن کي هلائڻ جي لاءِ رڳو ٻارڻ (فيول) درڪار هوندو آهي، جيڪو ڪنهن به طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، پوءِ پاڻيءَ جي جمع ٿيل ذخيرن کي نيڪ نيتي سان استعمال ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ ضرور آهي، ان ڪري ته هر ڳالهه ۾ ٻيائي نٿي ٺهي، معنيٰ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٻيائي، بجيٽ ۾ ٻيائي، صحت ڪارڊ ۾ ٻيائي، عام ماڻهن، مزدرون ۽ عوام جي لائيف انشورنس ۾ ٻيائي، وڻن جي سونامي ۾ ٻيائي، مينهن ۽ ٻوڏ ۾ ٻڏل ماڻهن جي همدرديءَ ۾ ٻيائي، رهائشي اسڪيمن ۾ ٻيائي آخر ڪيستائين هلندي؟ زرعي سيڪٽر ته سڄي ملڪ ۾ ڪارآمد هجڻ گهرجي، جهڙو ڪي پي ڪي ۾، تهڙو بلوچستان ۾ ۽ ساڳي طرح سنڌ ۾ به، ڇو ته پنجاب جي ٻيائي اها به آهي ته اسان وٽ هاڻي چائينا جا هائيبرڊ ٻج آندا ويا آهن، ان کان اڳ اسان جي ڇهه ماهي ۽ ٻارنهن ماهي ڪينالن تي ڪيل فصلن خاص ڪري سارين جي فصل جا ٻج اهڙا هوندا هئا جيڪي مارڪيٽ ۾ ڪير کائي ئي نه، يا ڪڻڪ جا ٻج ديسي هوندا هئا جن جي پيداوار ايتري نه هوندي هئي جو پنهنجي ملڪ جي پورت ڪري سگهجي، وري اهو به آهي ته مارڪيٽ ۾ چانور ته پنجاب جو ٿو هلي جنهن جا ٻج رڳو پنجاب ۾ هنيا ٿا وڃن، اسان وٽ جي آهن به ته اهي خراب ۽ سٺا به ساڳي اگهه ۾ ٿا وڪامن، پوءِ رائيس گروئر (هاري) ته وري به ڏچي ۾ آهي، جو هاري ٽڪن پئسن ۾ پنهنجي اپت کپائي وري ٻيڻي اگهه ۾ شهر جي واپارين (بروڪرن) کان ساڳو ان اٽو وٺي ٿو ۽ اهو به مڃن ٿا ته 21 سيڪڙو جي ڊي پي زرعي سيڪٽر تي ٿي ڀاڙي، ۽ 80 سيڪڙو آبادي زرعي سيڪٽر سان واڳيل آهي، پر حيرت آهي ته حڪومت جا جيڪي به اپاءَ، جيڪي به بجيٽ جا منهن هجن ٿا سي رڳو پنجاب لاءِ کليل هجن ٿا، سنڌ ۽ بلوچستان ته نظر ئي نه ٿو اچين، 1850ع ۾ سنڌوءَ جي پاڻي کي ٽيڪنيڪل طريقن سان ڪينالن، واهن ذريعي ضابطي ۾ آندو ويو هو، جنهن جا ”ڪالونيل“ فائدا کڻي انگريز کي هئا پر لاڀ ته قوم کي به مليو ٿي، اهي فائدا تاحيات ته اسان جي کاتي ۾ هئا، مڃون ٿا ته انگريز سرڪار ٽيڪس ڪليڪشن ۽ ڍل جي نون ضابطن تحت زرعي سيڪٽر کي ترقي وٺرائي اسان جي خطي مان ناڻو ڪمايو، پر ديرپا فائدا ته اسان تائين ئي رهيا، خطي ۾ خوشحالي ته آئي نه؟ زرعي انقلاب برپا ٿيو هو، پر هلندي هلندي ساڳيو سسٽم جڏهن انگريز رياستي اميرن وٽان پنجاب جي چنبي ۾ آيو تڏهن انهن وري پنهنجي زور آوري ۽ ارهه زورائي ڪئي، پاڻيءَ کي ڊيمن جي صورت ۾ بند ڪري ان کي رڳو پنهنجي ڪتب آڻڻ لڳا، 53سنڌ ۾ لک هيڪٽر زمين اسان وٽ آباديءَ جي لائق آهي پر ان مان رڳو 25 لک هيڪٽر زمين آباد ٿئي ٿي، جنهن کي دريائي پاڻي يا مٿاڇري وارو پاڻي ملي ٿو، باقي 24 لک هيڪٽر زمين کوهن، ٽيوب ويلن، ۽ پاڻي جي ٻين ذريعن (جنهن ۾ مينهن جو پاڻي به شامل آهي) تي آباد ڪئي وڃي ٿي، بلوچستان ۾ اها شرح اڃان به گهٽ آهي اتي 12 لک هيڪٽر زمين آباد ٿئي ٿي جنهن مان 4 لک هيڪٽر زمين کي جر جو پاڻي کوهن، ٽيون ويلن ۽ مينهن صورت ملي ٿو، ڪي پي ۽ فاٽا جي علائقن ۾ اها زرعي آبادي وري رڳو 10 لک هيڪٽر تي آهي، زمينن کي ٽيوب ويلن، کوهن ۽ مينهن جي پاڻي جو آسرو رهي ٿو، باقي اٽڪل 2 لک هيڪٽر زمين کي سطحي پاڻي جي گهرج رهي ٿي، جيڪو ڪينالن جي ذريعي آندو وڃي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ 90 لک هيڪٽر زمين آبادي رهي ٿي ان مان اڌ زمينن کي ڪينالن ذريعي پاڻي ڏنو ٿو وڃي ۽ اڌ کان به گهٽ زمينون ٽيون ويلن، کوهن ۽ مينهن جي پاڻي تي ڀاڙن ٿيون ۽ ملڪن جي اتر وارن علائقن ۾ اٽڪل نوي هزار هيڪٽر اهڙي زمين آهي جيڪا ”سرفيس واٽر“ معنيٰ ڪينالن جي پاڻي جي آسري رهي ٿي جنهن ۾ ٿوري گهڻي زرعي آبادي رهي ٿي، ڊيمن جي معاملي ۾ ٻين ملڪن کي ڏسڻ سان اها ڳالهه طئي ڪري سگهجي ٿي ته پاڻيءَ جي صحيح ورڇ ئي مسئلن جو حل آهي، قومن ۾ نفرت پکيڙڻ ۽ قومن کي نقصان کان بچائڻ جو واحد حل اهو آهي ته انهن سان وسيلن جي ورڇ ۾ انصاف ڪيو وڃي، ان ڪري پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻي آهي ته ان لاءِ ايڪو سسٽم کي سڌارڻ ۽ ان ۾ ڪيل خامين کي بهتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو