ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته موجوده دنيا جو سڀ کان وڏو دادا هڪ مسڪين ملڪ جي کٿابين کان 20 سالن جي مار کائي پوءِ به هٿين خالي ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چپات ۾جهازن ۾منهن لڪائي موٽي ويو، شايد کيس طالبان جا 20 سال اڳ جا ڏيکاريل ڏينهن جا تارا وسري ويا هئا جو آمريڪا بهادر هٿيارن جي زور تي 80 واري ڏهاڪي ۾ هارايل جنگ کي فتح ۾بدلائڻ جو جوکم کنيو، هنن سٽن لکڻ جو مطلب هرگز اهو ڪونهي ته ڪو اسان طالبان جا حامي يا سندن ڪارڪردگي ۽ روش جا طرفدار آهيون،اسان جيڪي ڏسون ۽ محسوس ڪيون ٿا اهو لکون ٿا، مدرسن جي کٿابين پنهنجي سوچ ۽ جذبن سان آمريڪا کي ڪٽي ناڙ ڪيو آهي، جنهن ڪري تڙ تڪڙ ۾طالبان سان ٺاهه ڪري مقامي طرفدار حڪومت کي پنهنجو طرفدار هوندي به بي يارو مدد گار ڇڏي کڻي پويان پير ڪيائين، سندس حمايتي پڻ هڪ هڪ ڪري رفو چڪر ٿي ويا، آمريڪا جا صدر يا ته تاريخ ڪونه ٿا پڙهن يا ياد ڪونه ٿا رکن، رڳو پينٽا گون جي ڏٽن تي مست هاٿيءَ جيان مسڪين ملڪن تي چڙهي ٿا پون، جنهن ڪري اڄ تائين کين هر حملي ۾شڪست ملي آهي، انهن واقعن جا سائيگائون کان وٺي ڪابل تائين کوڙ سارا شاهد آهن، ياد رهي ته جنگ ۾ هٿيارن ۽ بارود جي وڏي اهميت هوندي آهي، پر انهن کي هلائڻ لاءِ به دل، ايمان ۽ قومي جذبي جو هجڻ لازمي هوندو آهي، هونئن به سؤ سرحدون لتاڙي پرائي ملڪ جي سرحدن اندر جنگ وڙهڻ وارو جوکم آمريڪا جهڙو سفيد هاٿي ئي کڻي سگهي ٿو، جڏهن ته افغانستان جي جاگرافيائي طور بيهڪ مقامي ويڙهاڪ لشڪرن جي حق ۾آهي، جن کي صرف جنگي جهازن سان تابع نٿو ڪري سگهجي. 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ضياءُ الحق جي مڪاري ۽ روس دشمني ۾جن طالباني لشڪرن جي پرورش ڪئي وئي، انهن ئي طالبانن روس جي واپسي کانپوءِ ملان عمر جي اڳواڻيءَ ۾آمريڪي حمايتي فوجن کي پوئتي ڌڪي افغاني اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، ان وقت طالبان حڪومتي معاملن کان بلڪل نا واقف هئا، جنهن ڪري القائده ۽ داعش جهڙا قدم کڻي ملڪي ۽ عالمي طور تي ناڪام ٿي ويا، جنهن جو مطلب آمريڪا به غلط ورتو، آمريڪا کي سوچڻ کپندو هو ته جيڪي طالب روس ۽ آمريڪا کي رڪ جا چڻا چٻائي سگهن ٿا ته انهن کي ڏندن هيٺ نه آڻڻ کپي، افغانن جي خود جي ويڙهاند جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا محمود غزنوي، غازي امانالله، شاهه ظاهر شاهه، سردار داؤد، نور محمد ترڪئي، ببرڪ ڪارمل، ڊاڪٽر نجيب الله، ملان عمر،حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني کان ٿيندي اچي ملا برادر تي دنگ ڪري ٿي، مخالفن کي ڪڏهن به آرام نصيب ناهي ٿيو، هونئن ته افغانستان هڪ غريب ملڪ آهي، جنهن جا وسيلا بلڪل محدود ۽ غير پرڪشش آهن، پر جنگي حڪمت عملي جي حوالي سان سندس وڏي اهميت آهي، ڪابه طاقت هتي ويهي ايراني نار جي ملڪن، روس ۽ روسي رياستن، چين ۽ پوري ننڍي کنڊ جي ملڪن تي ڪرڙي نظر رکي سگهي ٿي، محدود زميني، مواصلات ۽گهوڙن خچرن وارو هي ملڪ ريلوي ۽ سامونڊي سهولت کان به يڪسر محروم آهي، پر هن ملڪ جا ماڻهون نهايت ئي سخت جان، ديني پوئلڳ ۽ پختا ويڙهاڪ آهن، هي جيسين هڪٻئي جو ڍينگو ڍيري نه ڪن تيسين کين ڪو ٻاهريون آسانيءَ سان هارائي نٿو سگهي، اهڙيون ڪوششون ناٽو ڀائيوار برطانيا انگريز بادشاهه ننڍي کنڊ تي حڪمراني دؤران ڪيترائي دفعا ڪري چڪو پر هر ڀيري ناڪام رهيو، ڏهاڪو کن ملڪن تي مشتمل ناٽو فوج 75 هزار غير منظم طالباني فوج کان هارائي وئي، حيرت کائيندي دنيا جا جنگي ماهر ان کي آمريڪا جي توسيع پسندي ۽ اڳرائي واري روش کي قرار ڏئي رهيا آهن، طالبان جي طاقت کي ته آمريڪا ان ڏينهن کان وٺي تسليم ڪري چڪو هو جڏهن هن مفرور طالبان اڳواڻ ذلمي خليل زادي ذريعي حڪومت قطر جي ميزباني ۾ ٺاهه جون ڳالهيون شروع ڪيون، جيڪي سالن تائين جاري رهيون، جن دؤران ڪيئي لاها چاڙها به آيا، اشرف غني اقتدار کي طالبان حوالي ڪرڻ بدران پنهنجي مٺ ۾مظبوط رکڻ پئي چاهيو، بگڙيل حالتن جي ڪري هن ۾ اهڙي صلاحيت به ڪونه هئي، طالبان جو هفتن ۾سمورو افغانستان فتح ڪري آسانيءَ سان ڪابل ۾داخل ٿيڻ تي مبصر ٻه انديشا ڏيکاري رهيا آهن، هڪ ياته آمريڪا کي طالبان جي اندرون ملڪ ۾طاقت ۽ حمايت جو ۽ ڪابل انتظاميا جي نااهلي ۽ ٽي لک افغان فوج جي هن قسم جي بزدليءَ جي پروڙ نه هئي يا ٻيو ته اندر ئي اندر طالبان ۽ آمريڪا جي مفاهمت ٿيل هئي ته توهان اسان جو رستو نه روڪيو اسان اوهان جي اڳيان نه اينداسين، طالبان جي ڪابل ۾تڪڙي داخلا تي آمريڪا جي حيرانگي تي به دنيا جا مبصر حيران آهن ته 40 سال افغانستان ۾رهڻ کانپوءِ به افغان اندروني حالتن کان بي خبري واشنگٽن انتظاميا ۽ سي آءِ اي جي وڏي ناڪامي ۽ ناا هلي چون ٿا،آمريڪا جي تڪڙ ٻڌائي ٿي ته افغان جنگ آمريڪا کي ٿڪائي وڌو ،ٻئي پاسي اندروني طور آمريڪي عوام به پنهنجا عزيز فوجي جنگ ۾ مارائي مارائي بيزار ٿي پيو هو، جنهن خلاف عوام آواز به اٿاري رهيو هو ته هڪ لاحاصل ۽بي نتيجا جنگ جو آخر ڪهڙو فائدو آهي؟ انهن مڙني حالتن جو فائدو طالبان کي ٿيو، جن کي غير متوقع ۽ تڪڙي فتح ملي وئي، طالبان جا هيل تائين جا کنيل قدم، رويا ۽ اعلان ٻڌائي رهيا آهن ته هي ماضيءَ جي طالبان کان بلڪل بدليل آهن، اڃان تائين ويڙهاند ۽ بدلي جو ڪو واقعو نه ٿيو آهي، ٿوري گهڻي رنڊڪ سان ملڪ جو وهنوار هلي رهيو آهي، ڪابل جو هوائي اڏو کليل آهي، طالبان عورتن کي انگريزي ۾انٽرويو ڏئي رهيا آهن، عورتن ۽ ملازمن جي ڪم ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي، ماضي وانگر اسلامي انتهاپسندي واري ڳالهه ڪانه ٿي ٿئي، طالبان ڏانهن عالمي دنيا جو رويو هاڪاري آهي، لڳي ٿو ته حالتون جلد معمول تي اچي وينديون.