ليکڪ: محمد خالد ڦل
سخت گرمي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان بيزار ٿڌن علائقن ڏانهن وڃي ڪجھه ڏينهن ٿڌ جو مزو وٺڻ لاءِ 3 آگسٽ تي سگا شاخ ڦل جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض احمد چانڊيو، ماجد علي ميمڻ، مجيب الرحمان وڳڻ ۽ شاهد ملڪ سان ناران، بابوسر ٽاپ، مري، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان جي سفر تي نڪتاسين، نوشھروفيروز مان منهنجي ڪلاس فيلو دوست پروفيسر عبدالرزاق سولنگي ۽ پروفيسر حماد الله تنيو ۽ ڀريا شھر مان پروفيسر قاسم علي ڀٽي کي کنيوسين، هڪ گاڏي ۾ چار چار ڄڻا ٿي ويٺاسين ۽ هالاڻي جي سوهانا هوٽل تان ناشتو ڪري اڳتي روانا ٿياسين، سکر باءِ پاس وٽان سي پيڪ روڊ تي سفر شروع ڪيوسين، سي پيڪ روڊ بهترين روڊ هو، ملتان ۾ مانجهاندو ڪري سفر اڳتي وڌايوسين، سي پيڪ تي هر 100 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آرام گاهه نالي سان هڪ اسٽاپ ٺهيل آهي، جتي هوٽلون، پئٽرول پمپ،وڏا وڏا شاپ ۽ واش رومز جي سهولت آهي، اسان هڪ اسٽاپ تي لهي چانهه پيتي، بل اچڻ تي خبر پئي ته 150 رپين جي هڪ چانهه ملي، راولپنڊي پهچڻ وارا هئاسين ته برسات شروع ٿي وئي، برسات جو لطف وٺندي شهر ۾ داخل ٿياسين، راولپنڊي ۾ آئون، ماجد، مجيب ، شاهد ملڪ ۽ ڊرائيور راحيل ڪوري پنهنجي ڳوٺائي گلزار وڳڻ وٽ رات ترسياسين ۽ ٻيا 5 دوست به پنهنجي هڪ دوست وٽ وڃي ترسيا، صبح جو اسلام آباد ۾ لوڪ ورثا پاڪستان، پاڪستان مومينٽم، دامن ڪوهه، شڪرپڙيان ۽ فيصل مسجد گهمي منجهند جو ڪوهه مري جيڪي اسلام آباد کان 63 ڪلوميٽر پري هئي ان طرف روانا ٿياسين، ڪوهه مري ويندي رستي تي ڪيترين ئي جاين تي ڪار مان لهي موسم ۽ سرسبز نظارن جو مزو وٺندي تصويرون به ڪڍيوسين ۽ ائين سج لٿي مري پهتاسين، مال روڊ تي هڪ هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي سامان رکي بازار گهمڻ نڪري پياسين، ڊنر ڪري رات دير تائين مري گهمي، گرمين وارا 3 مهينا جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مري ۾ سنڌ مان تمام گهڻيون فيمليون هتي گهمڻ اينديون آهن، ان ڪري هوٽلن تي رش سبب ڪرايا تمام گهڻا ٻڌائيندا آهن، ان ڪري هوٽل انتظاميا سان بارگيننگ ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ ڪجهه هوٽلون گهمي ڦري ڪرايو گهٽ ڪرائجي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي گاڏي کانسواءِ اچي ته مري جون مشهور جايون نيو مري، پترياٽه، نٿيا گلي، ايوبيه ۽ ٻيون گهمڻ لاءِ جي پي او چوڪ مال روڊ وٽ صبح جو وڏي تعداد ۾گاڏيون اينديون آهن، انهن سان پڪائي ڪري گهٽ ڪرائي تي گهمي سگهجي ٿو،اهي گاڏيون سڄو ڏينهن گهمائڻ بعد واپس هوٽل تي ڇڏي وينديون آهن، خير اسان مري مان ناشتو ڪري ناران جي لاءِ نڪري پياسين، ناران وڃڻ لاءِ اسان ايبٽ آباد وارو رستو ورتو، مانسهره تائين سي پيڪ روڊ هو، اهو رستو سڌو گلگت ۽ پاڪ چين سرحد تائين وڃي ٿو، رستي ۾ داسو ڊيم تي اچي ٿو، پر اسان کي ناران وڃڻو هو، ان ڪري مانسهره کان ٻيو رستو وٺي رات جو 8 وڳي وسندڙ برسات ۾ ناران پهتاسين، هوٽل تي ڪمرو بڪ ڪرائي سامان رکي گهمڻ لاءِ نڪري پياسين، هلڪي برسات ۾ موسم جو لطف وٺندي گهمي رهيا هئاسين ته ڀريا روڊ جا دڪاندار دوست اقبال مهر ۽ ٻيا مليا، اهي به هتي گهمڻ آيا هئا، صبح جو ناشتو ڪري اسان هڪ جيپ ڪرائي تي ڪري سيف الملوڪ ڍنڍ گهمڻ وياسين، ان ڍنڍ جي مٿان ملڪا پربت جبل جي چوٽي آهي، جتي هر وقت برف پوندي آهي ۽ اتان پاڻي لهي جبلن جي وچ ۾ موجود قدرتي ڍنڍ سيف الملوڪ ۾ ايندو آهي، هن ڍنڍ جي چئني طرفن کان ساوڪ ئي ساوڪ آهي، ڏند ڪٿائون آهن ته اتي ڪنهن دور ۾ پريون وهنجڻ اينديون هيون، اسان کي اهي پريون ته نظر نه آيون باقي هن دور جون سهڻيون پريون تمام گهڻي انداز ۾ گهمڻ آيون هيون، گهمي ڦري واپس ناران پهتاسين، جتان بابو سر ٽاپ لاءِ نڪتاسين ته موسم تمام خراب ٿي وئي، تيز برسات شروع ٿي وئي، وسندي برسات ۽ تيز هوا سان گڏ ٿڌ ۾ وڪورجي وياسين، رستي تي ٺهيل ننڍن هتس ۾ ويهي بوائل بيدا، پڪوڙا کائي ڪافي پي پاڻ کي گرم ڪيوسين، اتي اوچتو ڪنهن منهنجو نالو وٺي سڏڻ شروع ڪيو، مون سوچيو ته دوست آهي، پر اهي سڀ مون سان گڏ بيٺا هئا، پو ءِ ڏٺو سين ته ڪجھه نوجوان ڇوڪرا ويجهو آيا ۽ ڀاڪرين پئجي ويا ۽ چيائون ته اسان ڦل ڀرسان مينگهلو جا رهواسي آھيون ۽ اوهان ۽ ماجد کي سڄاڻون ٿا، اسان به /بقايا ڏسو صفحي نمبر 02 تي
هتي گهمڻ آيا آھيون پوءِ ته انهن سان تصويرون سيلفيون ٿيون ۽ انهن سان ملي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، بابوسر ٽاپ سطح سمنڊ کان 13700 فوٽ مٿي آهي، گهمي واپسي ۾ مختلف جاين تي برف جي گليشيئرس ۽ جبل مان نڪرندڙ آبشارن وٽ بيهي خدا جي قدرت جا نظارا ڏٺاسين هڪ ”لالو سر ڍنڍ“به رستي ۾ هئي ان جو به ديدار ڪيوسين، گهمندي گهمندي رات جو سج لٿي کان پوءِ واپس ناران پهچي هوٽل تي ٿڪ ڀڃي وري ناران گهمڻ نڪتاسين رات جي ماني کائي سمهي پياسين، ٻئي ڏينهن ناران وادي کي الوداع ڪري، لاهور پهتاسين ۽ داتا دربار ڀرسان هڪ هوٽل ۾ ٻه ڪمرا وٺي رات جي ماني هڪ هوٽل تي کائي سمهي پياسين، صبح جو بادشاهي قلعو، بادشاهي مسجد ۽ علامه اقبال جي مزار کان ٿيندي مينار پاڪستان گهمياسين، جنهن بعد ملتان ۾ غوث بها الدين ذڪريه ۽ شاهه رڪن عالم جو ديدار ڪيو، خريداري بعد واپس موٽي آياسين.