ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت آڳاٽي خريف ۾ پاڻي گهٽ ملڻ تي ارسا ۽ وفاق سان سخت احتجاج ڪندي پنهنجو حق وٺڻ لاءِ قانوني واٽ وٺڻ جو اعلان ڪندي حصي جو پورو پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوبي آڳاٽي خريف ۾ 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏنو آهي، جنهن سبب پوکون سخت متاثر ٿيون آهن، ٻين صوبن کي سنڌ جي اڌ جيتري به کوٽ نه ٿي، سمورن صوبن جي پاڻي ۾ هڪ جيتري ڪٽوتي ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ارسا ايڊوائيزري ڪميٽي 8 اپريل 2021ع تي ٿيل اجلاس ۾ اميد ڪئي هئي ته پهرين خريف دوران پهرين اپريل کان 10 جون تائين 10 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿيندي، جنهن جي سنڌ حڪومت مخالفت ڪئي هئي. شروعاتي خريف سيزن ۾ سنڌ جو پاڻي 6.345 ايم اي ايف هو جڏهن ته پاڻي معاهدي ۾ 8.292 ايم اي ايف رکيو ويو جيڪو سنڌ لاءِ 23.5 سيڪڙو گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جو حصو 10.535 ايم اي ايف مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته خريف جي شروعاتي پاڻي معاهدي ۾ سندس 12.424 ايم اي ايف جو حصو 15.2 سيڪڙو کوٽ ڏيکاري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ 23.5 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب 15.2 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته خريف جي مند جي شروعات ۾ سنڌ لاءِ ٽي درجي جي ورڇ سبب اٽڪل 51700 ايڪڙ فيٽ گهٽ پاڻي رکيو ويو. سنڌ ۾ ڪپهه پوکڻ جو موسم اپريل ۾ شروع ٿئي ٿي جڏهن ته پنجاب ۾ مئي ۾ شروع ٿئي ٿي، تنهن ڪري سنڌ پاڻي جي امڪاني کوٽ کي نظر ۾ رکندي پاڻي جو استعمال ڪيو ۽ اپريل ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو پر پنجاب پاران ڪئنال کولڻ کانپوءِ سنڌ صوبي مئي ۾ 38 سيڪڙو، جون ۾ 27 سيڪڙو ۽ جولاءِ ۾ 9 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هئي. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب ۾ مئي ۾ 17 سيڪڙو کوٽ، جون ۾ 12 سيڪڙو ۽ جولاءِ ۾ 2 سيڪڙو هئي. هن چيو ته اهو ڏيکاريو ويو آهي ته مئي کان جولاءِ تائين سنڌ کي هر مهيني پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. مراد علي شاهه چيو ته اهو ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته خريف جي شروعات ۾ 6.345 ايم اي ايف جي امڪاني حصي جي ابتڙ سنڌ 5.385 ايم اي ايف استعمال ڪيو ۽ ارسا پاران مقرر ٽي رخي فارمولا هيٺ حصي ۾ 15 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي پاسي پنجاب 10.533 ايم اي ايف شيئر جي ڀيٽ ۾ 9.533 ايم اي ايف استعمال ڪيو ۽ رڳو 9.5 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ پهرين اپريل کان 31 جولاءِ تائين 824000 ايڪڙ فوٽ پاڻي کان محروم رهيو، موجوده خريف سيزن ۾ سنڌ جي معيشت کي اٽڪل 0.824 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو.